ڪنري شاخ جي ٽيل جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج

اسان کي پاڻي فراھم ڪري معاشي تباھي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

ڪنري شاخ جي ٽيل جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج

ميرپورخاص (بيورو رپوٽ ) ڪنري شاخ جي ٽيل جي آبادگارن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج۽ ڊاريڪٽرنارا ڪئينال جي آفيس اڳيان ڌرڻو وارابندي جي باوجود پاڻي نٿو مليانسان توڻي جانور اڃ پيا مرون پاڻي نه ملڻ جي سبب ڪڻڪ توريو اسپنغر ۽ ٻيا ٽوٽل فصل سڪي ويا آھن آبادگار بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن تفصيل مطابق مٺڙائو ڪئينال مان نڪرندڙ ڪنري شاخ جي آبادگارن آصف سولنگي ھاشم سولنگي گل حسن سانڌ صابو رند ۽ ٻين آبادگارن صحافن اڳيان دانھيندي چيو ته ڪنري شاخ جي با اثرن جي واٽر ڪورسن جا مانڊول به قانون جي مطابق ناھن پر محقما آبپاشي جي ملازمن جي ملي ڀڳت جي ڪري بغيرمنظوري جي واٽر ڪورس ھلي رھيا آھن جنھن جي ڪري اسان ننڍن آبادگارن جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن ۽ اسان انسان ۽ اسان جو چوپايو مال اڃ جي وگھي مري رھيا آھيون ان لاء اسان ڪنري شاخ جا جملا آبادگار چيف جسٽس آف پاڪستان آرمي چيف وزيراعلا سنڌ ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان گھر ٿا ڪيون ته جانچ ڪري اسان ڪنري شاخ جي ٽيل جي آبادگارن سان فوري انصاف ڪري اسان کي پاڻي فراھم ڪيو وڃي ۽ اسان کي معاشي تڀائي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاد جو دائرو وڌايو ويندو