نوشھروفيروز ۾ ھڪ رات ۾ پنجن دڪانن مان لکين روپين جي چوري، دڪاندار جو ڌرڻو

دڪاندارن پاران ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو ويو، چور گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڏيارڻ جو مطالبو

نوشھروفيروز ۾ ھڪ رات ۾ پنجن دڪانن مان لکين روپين جي چوري، دڪاندار جو ڌرڻو

نوشهرو فيروز (ڊر) نامعلوم چور چوڪيدار کي ٻڌي، پنج دوڪان ٻھاري ويا. شھر جي مرڪزي الله واري چوڪ تي چورن چوڪيدار شير سولنگي کي رسن سان ٻڌي سوگھو ڪيو ۽ بعد ۾ دوڪانن جا تالا ٽوڙي چوري ڪئي. چورن پيڊين، شورومن ۽ دوڪانن مان لکين روپين جي چوري ڪئي، متاثر دوڪاندارن ۾ دوڪاندار محمد خان ڏنگراج، طفيل، شاھنواز راڄپر، نصرالله چانڊيو، شڪور عباسي شامل آھن. دوڪان ٻھارڻ بعد چور فرار ٿي ويا. جڏھن ته دوڪاندارن چورين خلاف احتجاج ڪيو ۽ شھر جي مرڪزي چوڪ تي ڌرڻو ھنيون، ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بند ڪيو ويو. ان موقعي تي ڄاڻايل دوڪاندارن ٻڌايو ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي سندن دوڪانن مان لکين روپين جي چوري ٿي آھي. ھنن چيو ته چوري واپس نه ٿي ته شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي.