سنڌ ميمڻ اتحاد پاران بلڊر ارباب محمد الدين ميمڻ تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

ارباب محمد دين کي 14 آڪٽوبر جي رات حيدرآباد مان بنا وارنٽ جي ڌاڙيلن وانگر کنڀيو ويو

سنڌ ميمڻ اتحاد پاران بلڊر ارباب محمد الدين ميمڻ تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

سجاول (گلشيرميربحر) سنڌ ميمن اتحاد جي مرڪزي چيئرمين حاجي عبدالشڪور ميمڻ، ايڊووڪيٽ عبدالحميد ميمڻ، حاجي شهزاد احمد ميمڻ، جميل ميمڻ، حافظ سعدالله ميمڻ، شبير احمد ميمڻ، بشير احمد ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، سجاد ميمڻ، عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ميمن اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ارباب محمد دين ميمڻ ۽ صوبائي نگران وزير ايشور لال وچ ۾ ڪاروباري تڪرار تان صوبائي نگران وزير ايشور لال پنهنجي عهدي جو فائدو وٺندي مشهور بلڊر ارباب محمد دين ميمڻ مٿان مسلسل ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايو آھي ۽ کيس مارڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته حيدرآباد جي سينيئر سول ڪورٽ جي حڪم تي تڪراري پروجيڪٽ شمس آئيڪون ارباب محمد دين جي حوالي ٿيل آھي پر ايشور لال سرڪاري مشينري جو غلط استعمال ڪري هڪ معزز شخص کي بليڪ ميل ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آھي ۽ سندس ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ نارا جيل ۾ قيد ارباب محمد دين جي ملاقاتن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. انھن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج موجب ارباب محمد دين کي 14 آڪٽوبر 2023ع جي رات 10 وڳي هاشمي اسپتال حيدرآباد مان زخمي حالت ۾ علاج دوران کيس بنان وارنٽ جي ڌاڙيلن وانگر کنڀيو ويو. اسپتال مان ارباب محمد دين جي گرفتاري دوران صوبائي وزير ايشور لعل سندس ڀاءُ مهيش ڪمار سان گڏ موجود هو. بعد ۾ رات 12 وڳي کان پوءِ صوبائي نگران وزير ايشور لعل جي حڪم تي مٿس ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪيون ويون. ھنن چيو تہ آءِ جي سنڌ کان وٺي ڊي آءِ جي حيدرآباد تائين پنهنجي پوسٽنگ بچائڻ لاءِ نگران وزير جي لاءِ ارباب محمد دين خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن. پوليس کاتي مان برطرف ڪيل پرائيويٽ هٿياربند گارڊن ۽ نوڪري مان برطرف ڪيل پوليس اهلڪارن جهانزيب مغل، ناظم، امتياز وغيره کان علاوه 6 موبائيلن ۾ درجنين پوليس اهلڪار، ايس ايڇ او عاشق گاڏھي، ايس ايڇ او حسين آباد سيف الله بگھيو، ايس ايڇ او ڪينٽ عبدالرزاق ڪمانڊو،انسپيڪٽر منصور ڪيهر جي مدد سان ارباب محمد دين کي گرفتار ڪري سي آءِ اي انچارج يار محمد رند جي حوالي ڪيو، جيڪو سمورو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي، بعد ۾ ايس ايس پي جي ٽيم ارباب محمد دين کي گرفتار ڪري سندس 55 لک رپين جي قيمتي واچ، ڪار ۾ موجود 85 لک رپيا روڪ رقم، 14 لک رپين جي ماليت جو موبائيل فون ۽ گاڏي پڻ تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آھن، جڏهن ته گاڏي ۾ رکيل لائسنس وارو پستول ضبط ڪري الٽو سندس خلاف بغير لائسنس واري پستول جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ صوبائي نگران وزير ايشور لعل پنهنجي مائٽ شاهه ديو جي فرياد تي ڏوھ نمبر 22/2023 ۽ مئنيجر علي حيدر نعيم کي مدعي بڻائي ڏوھ نمبر 21/2023 ڪراچي جي گڏاپ ٿاڻي تي ارباب محمد دين خلاف ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايو هو. ۽ 17 جنوري کان 6 مارچ 2023 تائين کيس جيل موڪليو ويو. عجيب ڳالهه آهي ارباب محمد دين خلاف حيدرآباد جي ڪينٽ پوليس اسٽيشن ۾ 18 جنوري 2023ع تي جيل ۾ رهڻ دوران هڪ ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، اسان سنڌ پوليس کان پڇڻ چاھيون ٿا تہ جيل ۾ رھڻ دوران ڪو ماڻھو ڏوھ ڪيئن ڪري سگھي ٿو.؟ ھنن چيو تہ سنڌ ميمن اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ارباب محمد دين خلاف هڪ منظم منصوبي تحت صوبائي نگران وزير ايشور لعل جي چرچ تي لڳاتار ايف آءِ آرون داخل ڪيون پيون وڃن. جيڪڏهن ھڪ ايف آئي آر ۾ ضمانت ٿي وڃي ته ٻي ايف آءِ آر ڏيکاري کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ 13 آڪٽوبر 2023 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ سي پي 449/2023 جي مد ۾ حڪم جاري ڪيو هو ته ارباب محمد دين خلاف ڪنهن به ڪاروباري رقابت ۾ جعلي چيڪ وغيرہ جي الزام ۾ مٿس ڪابہ ايف آءِ آر نہ داخل ڪئي وڃي ۽ نہ ئي کيس گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪيون ويون صرف حيدرآباد ڪينٽ ٿاڻي تي 3 ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن. معلوم ٿيو آھي تہ ارباب محمد دين خلاف اڪثر ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪي اڃا تائين ڳجها رکيا ويا آهن. انھن چيو تہ سنڌ ۾ 90 لکن کان وڌيڪ ووٽ رکندڙ ميمڻ برادري جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ نه ئي اسان جي خاموشي کي بزدلي سمجهيو وڃي. نگران حڪومت جو حصو بڻيل ايشور لعل پنهنجي ڪاروباري ۽ نجي مفادن جي حاصلات ۾ وڏيرا شاهي حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ارباب محمد دين ميمڻ اسان جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آهي، کيس اسان اڪيلو نہ ٿا ڇڏي سگھون جيڪڏهن ڪو جاني نقصان ٿيو ته اسان سڌو ايشور لال خلاف ڪيس داخل ڪنداسين. بدنام زمانہ نگران وزير ايشور لال هڪ ڪرپٽ ۽ داغدار ماضي رکندڙ شخص آهي، جنهن کي هڪ عورت ايم پي اي سان بدسلوڪي ڪرڻ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورت ايم پي اي ھٿان جوتا کاڌا ۽ ايشور لال جي رلائنس نالي تعميراتي ڪمپني ڪرپشن سبب بليڪ لسٽ ٿيل آھي. آر بي او ڊي سميت اسلام ڪوٽ ايئرپورٽ جي تعميراتي ڪم مان اربين رپيا هڙپ ڪيائين پر بااثر ماڻهن جي مدد ۽ آشيرواد سبب اهو اڃا تائين قانون جي گرفت کان محفوظ ۽ احتساب کان بچيل آھي. حيرت آهي ته اهڙي بدعنوان شخص کي نگران وزارت جي عهدي لاءِ ڪليئرنس ڪيئن ڏني وئي، جڏھن تہ ارباب محمد دين هڪ ڪاروباري ماڻهو، شريف، محب وطن ۽ معزز ماڻهو آهي، جيڪو هر سال ڪروڙين رپيا ٽيڪس جي مد ۾ حڪومت کي ڏيندو آهي.انھن سنڌ جي وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس باقر کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ صوبائي وزير ايشور لال نگران حڪومت تہ بدنما داغ آھي کيس فوري طور تي وزارت تان هٽايو وڃي،سندس خلاف اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ارباب محمد دين خلاف ڪوڙا ڪيس واپس وٺي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ڪاروباري تڪرار تي عدالتي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد پرامن احتجاج جو حق استعمال ڪري ٿي.انھن حڪومت کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن انصاف جون تقاضائون پوريون نہ ڪيون ويون ۽ مطالبا نه مڃيا ويا ته انشاءَ الله اسان مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين، جنھن جي پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد ۾ تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ انشاءَ الله ٽئين مرحلي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.