غزه ۾ حملا انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهن، مسلم دنيا قدم کڻي: محمد حسين محنتي

مسلمان ملڪ بي حسي ڇڏي اسرائيلي ناجائز رياست سان سفارتي ۽ ڪاروباري ناتا ختم ڪري ڇڏين

غزه ۾ حملا انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهن، مسلم دنيا قدم کڻي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته غزه مٿان اسرائيلي حملا انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهن، اسرائيلي وزيراعظم خلاف جنگي ڏوهن جو مقدمو درج ڪيو وڃي، مسلمان ملڪ بي حسي ڇڏي ڪري ڪجهه غيرت جو مظاهرو ڪن، اسرائيلي ناجائز ۽ قابض رياست سان سفارتي ۽ ڪاروباري ناتا ختم ڪري ڇڏين، اهو ڏينهن پري ڪونه آهي جڏهن مسجد اقصى بيت المقدس سميت انبياء ڪرام جي ڌرتيءَ فلسطين غاصب اسرائيل جي چنبي مان آزاد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت اتحاد العلماء ڪراچي پاران پريس ڪلب سامهون رٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. مظاهري ۾ شريڪ عالم ۽ کٿابي اسرائيل خلاف ۽ فلسطينين جي حق ۾ نعري بازي ڪري رهيا هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته فلسطين ۾ حماس جي مجاهدين هڪ ڀيرو ٻيهر حق جو هوڪو هڻي جهاد جي جذبي ۽ شهادت واري شوق کي زنده ڪيو آهي. ان شاء الله جهڙو حشر آمريڪا جو افغانستان ۾ ٿيو ساڳيو حشر اسرائيل جو غزه ۾ ٿيندو.هن زور ڀريو ته عالم سڳورا جمعي جي خطبن سميت منبر و محراب ذريعي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ جهاد واري جذبي کي جاڳائن. مظاهري کي مولانا عبدالوحيد، قاسم رشيد، ضياء الرحمن فاروقي ۽ ٻين عالم سڳورن پڻ خطاب ڪيو.#