اياز لطيف پليجي پاران پ پ اڳواڻ جي بھارين کي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مطالبي جي مذمت

اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آغا رفيع الله بھارين کي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جيڪا سنڌ دشمني آھي: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجي پاران پ پ اڳواڻ جي بھارين کي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مطالبي جي مذمت

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سينيٽ جي گھرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي آغا رفيع الله پاران بھارين کي سڃاڻپ جو مطالبو سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن مطالبو آھي. سنڌ جو عوام انھي مطالبي کي رد ڪري ٿو. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سمورا غير قانوني پرڏيھي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليا وڃن. غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن. پيپلز پارٽي ۽ ٻيا ووٽ جي لالچ ۾ غير قانوني پرڏيھين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي داءُ تي لڳائي رھيا آھن.غير قانوني پرڏيھين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا. غير قانوني افغاني اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھريت، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. سنڌ يتيم خانو ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغاني، بھاري ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني پرڏيھي اسان جي وسيلن تي وڏو بار آھن، انھن کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي ڪيون وڃن.