سجاول ويجھو ويگو ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ زوردار ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي ٿي پيا

سجاول-ٺٽو روڊ تي سعيد پور وٽ حادثي ۾ سوزوڪي سوار حيدر ملاح ٿڏي تي فوت ٿي ويو

سجاول ويجھو ويگو ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ زوردار ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي ٿي پيا

سجاول (رپورٽ گلشيرميربحر ) سجاول لڳ ويگو ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ زوردار ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔سجاول-ٺٽو روڊ تي سعيد پور وٽ تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ جو ٽائر ڦاٽڻ سبب سامهون ايندڙ ويگو گاڏي سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار حيدر ملاح فوت ٿي ويو جڏهن تہ سجاول ويجهو ڪارو گونگڙو جي رهواسين ضمير کوکر ۽ ارشد کوکر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمين کي سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ ضروري ڪاروائي بعد فوت جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو۔