ڪراچي واسڻ ناري جو مڙس ۽ معصوم پٽ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

4سال اڳ ڳوٺ ميانداد واسي عثمان لنڊ سان پسند جي شادي ڪئي ھئي: زارا لنڊ

ڪراچي واسڻ ناري جو مڙس ۽ معصوم پٽ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر) ڪراچي واسڻ عورت سھري جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو. عورت زارا پريس ڪلب نوشهروفيروز پھچي روئيندي دانھيو ته 4 سال اڳ ڳوٺ ميانداد واسي عثمان لنڊ سان مون پسند جي شادي ڪئي ھئي. مڙس مون سان ڪراچي ۾ گڏ رھندو ھو. سھري علي محمد لنڊ دوکي سان اسان کي مورو گھرايو ۽ مڙس ۽ ننڍڙي پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويو. مون کي سھري سرعام تشدد جو نشانو بڻايو. ھن چيو ته مورو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته 9 ڏينھن کان دربدر آھيان ۽ زندگي کي خطرو آھي. ھن چيو ته مڙس ۽ پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.