موٽروي پوليس ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم او يو تي صحيحون

تقريب ۾ آءِ جي موٽروي پوليس سلطان علي خواجا، اي آءِ جي موٽروي پوليس منير احمد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

موٽروي پوليس ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم او يو تي صحيحون

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي)نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ايم او يو تي صحيحن جي تقريب منعقد ڪئي وئي. اهڙي تقريب ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ رکرائي وئي. تقريب ۾ انسپيڪٽر جنرل موٽر وي پوليس سلطان علي خواجه، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل موٽر وي پوليس (ڏکڻ ريجن) منير احمد شيخ،ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڏکڻ ريجن) جاويد علي مهر، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن. عاطف الرحمان، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت اورنگزيب پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي سرڪاري کاتن جي وچ ۾ دستخط ٿيل ايم او يو موٽر وي پوليس کي سنڌ صوبي ۾ رجسٽرڊ ٿيل گاڏين جي ڊيٽا تائين حقيقي وقت تائين رسائي فراهم ڪرڻ جي قابل بڻائيندو. گاڏين جي ڊيٽا جي حصيداري اين ايڇ ايم پي جي فيلڊ آفيسرن کي گاڏين جي اصليت جي جانچ ڪرڻ لاء تيار ڪندو جيڪي هاء ويز ۽ موٽر ويز تي هلنديون آهن. انهن خاصيتن تائين پهچ لاءِمشڪوڪ ۽ جعلي نمبر پليٽن وارين گاڏين کي پڪڙڻ لاء اين ايڇ ايم پي جي فيلڊ گشت ڪندڙ يونٽن جي صلاحيت کي وڌائيندو. ٻنهي کاتن ان سلسلي کي جاري رکڻ ۽ فراهم ڪيل سهولت تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان جو وڌيڪ مقصد ھو ته هن تعاون کي انهن علائقن ۾ وڌايو وڃي جيڪي روڊ استعمال ڪندڙن کي بهتر خدمت فراهم ڪن.