ڪشمور ۾ ناري کي گهران اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

بي ايس فيڊر پل ڀرسان ناري حسينا شيخ بيهوشي حالت ۾ هٿ آئي

ڪشمور ۾ ناري کي گهران اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

ڪشمور ۾ ناري کي گهران اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بي ايس فيڊر پل ڀرسان ناري حسينا شيخ بيهوشي حالت ۾ هٿ آئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار منصب ملڪ نياڻي کي رات جو گهران اغوا ڪري ساٿين سان گڏجي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار اڳ به نياڻي سان ڏاڍائي ڪئي هئي، منصب ملڪ ۽ مولا بخش چاچڙ خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي، پوليس رشوت وٺي ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو، جن اڄ ٻيهر ظلم ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد الزام هيٺ آيل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي