خراب حڪمراني جي ڪري خوشحال سنڌ تباھ حال بڻيل آھي: محمد حسين محنتي

گريٽر اسرائيل جو خواب ڀڄي ڀورا ٿي چڪو، عالم سڳورا عوام کي سجاڳ ڪن

خراب حڪمراني جي ڪري خوشحال سنڌ تباھ حال بڻيل آھي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته اتحاد اُمت وقت جي اهم ضرورت آهي، ايمان، جذبه جهاد ۽ شوق شهادت سان ئي ديني جماعتون دنيا مٿان غلبو حاصل ڪري سگهن ٿيون، دنيا کي فرقن، مسالڪ، رنگ توڙي نسل ۾ ورهائي سامراجي قوتون پنهنجا شيطاني مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اُمت کي بيدار ٿيڻو پوندو، حماس جي مجاهدين اسرائيلي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اهي، گريٽر اسرائيل جو خواب ڀڄي ڀورا ٿي چڪو، اُمت حماس جي مجاهدين سان گڏ آهي مسلم حڪمرانن کي به جُرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.پندرھن سالن کان خراب حڪمراني جي ڪري خوشحال سنڌ بدحال بڻيل آھي، ڪرپشن، ڦرلٽ، ميرٽ جو قتل ڪري ناني ويڙھو ڪرڻ واري پاليسي رھيل ڪسر بہ پوري ڪري ڇڏي آھي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ميونسپلٽي سرڪاري آفيسرن جاجاري ڪيل تڪراري نتيجا انڌير نگري چرٻٽ راڄ جو چٽو مثال آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره هالا ۾ جمعيت طلبه عربيه سنڌ پاران رابط الاخوان جي ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪنونشن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جمعيت جي سابق ڪارڪنن، عالم سڳورن ۽ شاگردن توڙي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان کان پهرين صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو، سابق صوبائي منتظمين جمعيت به خطاب ڪيو. محمد حسين محنتي پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گذريل 15 سالن جي بدترين حڪمراني صوبي کي کنڊر بڻائي ڇڏيوآهي، تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي دولت سان مالا مال صوبي ۾ اڄ غربت، بُک ۽ بدحالي رقص ڪري رهي آهي، غريب عوام خودڪشي تي مجبور، سڄو صوبو بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڀُنگ لاءِ اغوا، قبيلائي جهيڙن عام ماڻهن جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي، عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونهي ۽ عملي طرح سان صوبي تي ڌاڙيل راڄ مسلط آهي جتي محافظ به ڌاڙيلن هٿان محفوظ نه هجن اُتي عام ماڻهن جي تحفظ جو ڪهڙو حال هوندو. اخوان ڪنونشن جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين کي داد ڏيون ٿا، عالم سڳورا عوام کي بيدار۽ نيڪي جي قوتن کي منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.