جماعت اسلامي سنڌ پاران سکر ۾ جي آءِ يوٿ ڪارڪن جي قتل تي ڏک جو اظهار

ڪراچي کان ڪشمور تائين عام ماڻهو ڌاڙيل راڄ ۽ رهزنن جي رحم ڪرم تي آھي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي سنڌ پاران سکر ۾ جي آءِ يوٿ ڪارڪن جي قتل تي ڏک  جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سکر ۾ ڦورن هٿان جي آءِ يوٿ جي ڪارڪن ڪريم بخش تنيو جي بيدردي سان قتل ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين عام ماڻهو ڌاڙيل راڄ ۽ رهزنن جي رحم ڪرم تي آهن جڏهن ته حڪمران رڳو بيان بازي ۽ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 15سالن جي حڪمراني کان پوءِ نگران حڪومت ۾ به عوام جي جان، مال توڙي عزت محفوظ ڪونه آهي. پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان عوام جي کيسي مان هر سال اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ ڪوبه شهر ۽ ٻهراڙي محفوظ ڪونهي جتي امن امان جي مثالي حالت هجي، عوام ڌاڙيل راڄ ۽ رهزنن جي هٿان يرغمال بڻيل حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن. صوبائي امير اڄ هڪ مذمتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سکر شهر جي نيو پنڊ ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ ۾ رهزنن هٿان ڦُر دوران مزاحمت تي جي آءِ يوٿ جي ڪارڪن ڪريم بخش تنيو جي شهادت افسوس ناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، جماعت اسلامي ڪارڪن جي شهادت ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ وارو واقعو “ سڀ ٺيڪ آهي” جو ر اڳ الاپيندڙ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي، صوبائي امير وڏي وزير مقبول باقر کان واقعي جي شفاف جانچ، قاتلن جي في الفور گرفتاري ۽ عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ تُرت قدم کڻي ته جيئن آئنده اهڙي قسم جي المناڪ واقعي جو تدارڪ ٿي سگهي.#