سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪارونجھر جبل بابت اھم فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي

اسسٽنٽ رجسٽرار پاران سرڪيولر جاري ڪندي پٽيشنر منور علي، شنڪر لال ۽ ٻين کي آگاهي ڏني وئي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪارونجھر جبل بابت اھم فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي

حيدرآباد:سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشنز تي محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي
اسسٽنٽ رجسٽرار پاران سرڪيولر جاري ڪندي پٽيشنر منور علي، شنڪر لال ۽ ٻين کي آگاهي ڏني وئي
اسسٽنٽ رجسٽرار موجب 19 آڪٽوبر تي صبح جو ساڍي 8 وڳي فيصلو ٻڌايو ويندو ان لاءِ سموريون ڌريون پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائين
سرڪيولر ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت پٽيشنرز جي وڪيلن ۽ ڪيس ۾ معاونت لاءِ مقرر ڪيل وڪيلن غلام مصطفيٰ هنڱورجو، سجاد احمد چانڊيو، عشرت علي لوهر ۽ محمد عارف ڪلر نالا شامل
پٽيشنر ۽ وڪيل پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ سندن غير موجودگي ۾ به فيصلو ٻڌايو ويندو
منور ساگر، تيرٿ ڪمار، شنڪر ميگهواڙ پاران داخل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي لاءِ سنڌ سرڪار پاران مختلف وقتن تي ليزون ڏنيون پيون وڃن جيڪي مستقل بنيادن تي رد ڪيون وڃن
پٽيشنرز جو موقف ھو تھ ڪارونجهر جي مذهبي توڙي ثقافتي اهميت آهي جنهن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي
5 سيپٽمبر 2023ع تي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو
43 ڏينهن بعد عدالت پاران سڀاڻي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ سرڪيولر جاري ڪيو ويو