ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ساريون مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط اگھھ ۾ گھٽتائي

سارين جي اگھھ ۾ ھٿرادو گھٽتائي آباگارن توڙي ھارين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ساريون مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط اگھھ ۾ گھٽتائي

ڏوڪري(اطهر ميمڻ)ڏوڪري تعلقي ۾ ساريالو فصل تيار واپارين جي هڪ هٽي قائم هئڻ سبب هارين ۽ آبادگارن جا اگهه گهٽ ملڻ سبب ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا حڪومت کان سارين جا اگھ وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڏوڪري تعلقي ۾ سارين جو فصل پچي راس ٿي ويو ڪجھ هنڌن تي سارين جي سٽ ڪٽ جاري واپارين جي هٺ ڌرمي سبب هارين ۽ آبادگارن گهٽ اگهه تي ساريون وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا،ان ڏس ۾ هتان جي هارين ۽ آبادگارن جو چوڻ آهي ته اسان سارين جي سٽ شروع ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته واپارين پاران سارين جا اگھ گهٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن سارين جو اگھ گهٽ ملڻ تي آبادگارن ۽ هارين امداد علي ساريو، قائم الدين ساريو، غلام ياسين ابڙو، پيرل ڪلھوڙو، جنيد فدا حسين ابڙو،فيصل رضا ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن ۽ هارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي ڀاڻ ۽ ٻج، هر، ۽ زرعي دوائون جا ٻيڻا اگھ هئا جڏهن ته ساريون تيار ٿيون آهن واپارين هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي اگھ گهٽ هجڻ ڪري ڀاڻ، ٻج سميت ٻيا خرچ به نه نڪري سگھندا، هنن چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ ٻچن جو گذر سفر ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي، فصل لھڻ سان واپارين سارين جو گهٽ اگھ ۾ وٺي رهيا آهن، هنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار رپيا 5000 روپيا مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هاري ۽ آبادگار پنهنجي ٻچڙن جو گذر سفر آساني سان ڪري سگهن.