English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ جم ڪلب جو افتتاح
views
|
20th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
گذريل برساتن ۾ باڊي بلڊنگ ڪلب زبون حال ٿي وئي ھئي، 5 لک امداد جو اعلان ڪريان ٿو: امتياز شيخ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ جم ڪلب جو افتتاح ، اڳوڻي صوبائي وزير توانائي محترم امتياز شيخ صاحب پاران افتتاح ڪيو ويو، ڪلب جي استاد عبدالوهاب ڪاغذي آيل مھمانن کي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا ڏنا. استاد عبدالوهاب ڪاغذي چيو ته اسپورٽس جي ڪري سان اسان جا نوجوان منشيات ۽ مختلف براين کان بچي سگھندا،خبر موجب: شڪارپور جي مشھور جم ڪلب شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ ھيلٿ ڪلب جي نئين سر تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح اڳوڻي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ صاحب ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته گذريل بارشن ۾ باڊي بلڊنگ ڪلب زبون ٿي وئي ھئي، جنھن جي نئين سر تعمير ڪرائي وئي آھي، جنھن جو ٻيھر افتتاح ڪيو آھي، ھن چيو ته ڪلب لاءِ مون ھنن کي پنجن لکن ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو جنھن مان ھي سامان خريد ڪندا، وڌيڪ سامان جي ڊٽيل اسان کي ڏين ته ڪلب لاءِ اھو سامان مھيا ڪيو ويندو، ھي اسان جو فرض آهي ته اسين نوجوانن جي صحت لاءِ قدم کڻون، مان پاڻ اسپورٽس جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ خوشيءَ سان شرڪت ڪندو آھيان، ھن چيو تہ اسان جي سوسائٽي ۾ اسپورٽس ھڪ اھم حيثيت رکي ٿي، اسان جو فرض آهي ته اسان ھن کي ھٿي ڏئي اڳتي وڌايون، ھن چيو ته اسپورٽس جي ڪمن سان اسان جا نوجوان منشيات کان بچي سگھندا، ھن چيو ته شھيد الطاف خان ڀيو ڪرڪيٽ گرائونڊ مون منظور ڪرايو ھو جنھن جو ڪم ھلندو، ملٽي پلپز حال جو ڪم ھلي پيو، جيڪا نوجوانن لاءِ ڪلب آھي ، جنھن ۾ نوجوانن کي ميمبرشپ ڏني ويندي، ھن چيو ته اچڻ واري وقت ۾ ھاء اسڪول نمبر ٽو پويان گرائونڊ زبون حال آھي، ان کي به بھتر ڪيو ويندو، جنھن مان به نوجوان اسپورٽس جو فائدو وٺي سگھندا، ھن چيو ته شھر ۾ جيڪي ڪم اسان ڪرايا آھن اھي عوام جي سامھون آھن، اڳتي به ڪوششون جاري رھنديون، افتتاحي تقريب ۾ شھيد شيراز جم باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ ھيلٿ ڪلب جي ڪوچ استاد عبدالوهاب ڪاغذي، ٽي.اي.او امجد علي شيخ ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چيئرمن وسيم صديقي، زبير ميمڻ، اعجاز کوکر، اي ڪي لاشاري، ڀائو نعيم سومرو، ميان ظفر علي علوي، ڊاڪٽر جھانگير شيخ، ڊاڪٽر حفيظ الرحمان بروھي، شفيق احمد شيخ، ھدايت الله مھر، افضل مغل، حافظ مصعود قادري، فضل الله نوراني، اسدالله سومرو، پرڪاش لال، اعجاز ڪاڪيپوٽو، احسان جيھو، عبدالفتاح مھر، طارق محمود دائودپوٽو، ظھور ڦلپوٽو، ڏاڏو طاھر سومرو، عاشق بھراڻي، امجد جلباڻي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن، اسپورٽس تنظيمن جي عھديدارن توڙي صحافين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان اسٽيل ملز مان وڌيڪ 22سئو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: غلام الله ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمور: جسقم پاران سنڌ پنجاب دنگ ڊيرا موڙ وٽ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، ڪئنال منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو قرار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: جسقم جي پيادل مارچ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جي به شرڪت، سنڌ دشمن منصوبا رد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
امتياز شيخ
شڪارپور
باڊي بلڊنگ
0 تبصرے