جماعت اسلامي جي فلسطين ڪانفرنس منعقد, مسلم حڪمرانن کان اسرائيلي سفارتي بائيڪاٽ جي گھُر

ڪانفرنس ۾ لياقت بلوچ، نثار کهڙو، باقر زيدي، اسدالله ڀٽو، صفدر عباسي، محمد حسين محنتي،سينيٽر وقار مهدي ۽ ٻيا شريڪ

جماعت اسلامي جي فلسطين ڪانفرنس منعقد, مسلم حڪمرانن کان اسرائيلي سفارتي بائيڪاٽ جي گھُر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران قباء آڊيٽوريم ۾ مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي زيرصدارت رٿيل فلسطين ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي، سماجي، ديني ۽ قومپرست اڳواڻن فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي مسئلي جو واحد حل فلسطيني رياست جي قيام کي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ ۽ مسلم حڪمرانن کي اسرائيلي سفارتي بائيڪاٽ جي گهر ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين جو ٻچو ٻچو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته نبين جي سرزمين مسلمانن جي آهي ۽ بيت المقدس جي آزادي کي پنهنجي حياتي جو مقصد سمجهن ٿا. اسرائيل جي فلسطين مٿان ناجائز قبضي سڄي دنيا جو امن خراب ڪيو آهي، حماس جي مڪمل حمايت ڪروين ٿا ۽ سندس مزاحمت سان ئي فلسطين جي آزادي جو رستو نڪرندو، جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪونسل ۾ قرارداد کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ سندس رسوائي جو سبب بڻجي ويو اهي، تمام مسلمان ملڪ يهودي رياست جي سياسي سماجي بائيڪاٽ لاءِ قومي غيرت جو مظاهرو ڪن، سوشل ميڊيا ذريعي امت جي وحدت، امن، اسلام دشمن قوتن خلاف ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، افغانستان کان پوءِ حماس جي حملي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جديد ٽيڪنالوجي کي ناڪام ۽ بينقاب ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته تاريخي طور تي فلسطين فقط فلسطيني عوام جو آهي جتي سڄي دنيا مان يهودين کي آڻي آباد ڪيو ويو، فلسطيني عوام اسان جي دلين ۾ رهن ٿا، پاڪستاني عوام جو ساڻس گهرو تعلق آهي، موجوده صورتحال ۾ جنگ بندي لازمي آهي او آءِ سي ان حوالي سان ضروري قدم کڻي. ملي يڪجهتي ڪونسل سنڌ جي صدر مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته جن مسلمان ملڪن اسرائيلي کي تسليم ڪيو آهي اُهي غزه جي صورتحال تي احتجاجن اسرائيلي ۽ آمريڪي سفارخانا بند ۽ پنهنجا سفير واپس گهرائين، امريڪا جي منافقت جي مذمت ڪريون ٿا، غزه ۾ جنگ بندي جي قرارداد کي ويٽو ڪرڻ انساني حقن جي شدي خلاف ورزي آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو ته اڄ فلسطين رت سان رڱيل آهي، غزه جي مجاهدين جي للڪار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ايمان، جذبه جهاد ۽ شوق شهادت جو مقابلو دنيا جي ڪابه طاقت نٿي ڪري سگهي، سڄي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تاريخي فلسطين مارچ امت جي ترجماني آهي. ايس يو پي جي جڳديش آهوجا چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به مسئلي جو حل جنگ ۽ ويڙهه ۾ ڪونهي ڪو انڪري عدم تشدد جي پاليسي تي عمل ڪندي مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. جي ڊي اي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته حماس جي تازي ڪاروائي وساريل فلسطين جي مسئلي کي ٻيهر زنده ڪيو آهي، او آءِ سي سميت سڄي دنيا کي جنگ بندي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني مسلمانن جي نسل ڪشي جاري آهي ۽ مسلم حڪمرانن کين لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، عالمي طاقتون مسلمانن خلاف سازشن ۾ مصروف آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي نائب صدر گلزار سومرو چيو ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪريون ٿا، فلسطين ۾ حماس جي تحريڪ حقيقي جدوجهد جي تحريڪ آهي، آمريڪي ۽ اسرائيلي جي جارحاڻي پاليسين سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جي يو آءِ سنڌ جي نائب صدر مولانا عبدالڪريم عابد چيو ته حماس جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ان شاالله افغانستان وانگر فلسطين به اسرائيل ۽ آمريڪا جو قبرستان ثابت ٿيندو، حڪومت پاڪستان سميت سڄي امت کي حماس سان گڏ بيهڻ گهرجي. مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي صدر علامه سيد باقر عباس زيدي چيو ته حماس فلسطين جي مسئلي کي دنيا جو نمبر ون مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا بيداري جو ثبوت آهن، حماس 18 سالن کان لاڳيتو ناڪابندي باوجود پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو، طاقت جو توازن بدلجي رهيو آهي، مصر غزه جي مسلمانن جي امداد لاءِ رفع ڪراسنگ کي کولي. مسلم ليگ (ق) سنڌ جي صدر طارق حسن چيو ته عالم اسلام جو ٻچو ٻچو فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسرائيل پاران اسپتالن ۽ اسڪولن تي بمباري جنگي جُرم آهي انڪري اسرائيلي وزيراعظم خلاف عالمي عدالت ۾ جنگي ڏوهن جو ڪيس هلايو وڃي.فلسطين فائونڊيشن جي صابر ابو مريم چيو ته غزه جي مسئله تي عملي قدم کڻڻ بدران رڳو مذمتي بيان جاري ٿيا آهن، عرب ملڪن کي پابند ڪيو وڃي ته هوءَ مغرب کي تيل ڏيڻ بند ڪن. مسلم ليگ نواز جي خواجه طارق نذير چيو ته مذمتي قراردادن کان اڳتي وڌي ڪري عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان مسلمان ملڪ اهو ڪردار ادا نه پيا ڪن جيڪو هنن کي ڪرڻ گهرجي.جي يو پي جي اڳواڻ مُفتي غوث صابري چيو ته غزه جي مسئلي کي سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي اجاڳر ڪيو وڃي. مرڪزي مسلم ليگ جي فيصل نديم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن وقت غزه دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪو آهي، جيڪو مغرب ڪتن ۽ ٻلين جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو اهو فلسطيني عوام جي نسل ڪشي تي مڪمل خاموش تماشائي ۽ قاتل اسرائيلي جي کلي عام حمايت ڪري رهيو آهي. تحريڪ استحڪام پاڪستان جي محمود مولوي چيو ته فلسطين جو مسئلي ۽ غزه جي تازه ترين صورتحال تي سعودي عرب کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي ، فنڪشنل ليگ جي سردار عبدالرحيم، نيشنل ليبر فيڊريشن جي سيد نظام الدين شاه، سمال ٽريڊرز جي محمود حامد، اسلامڪ لائزر موومنٽ جي جنرل سيڪريٽري نجم الحسن،جي يوپي جي مولانا عقيل انجم قادري،، مرڪزي جماعت اهل حديث جي صوبائي صدر مفتي يوسف قصوري، جي آءِ يوٿ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري پڻ موجود هئا. جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرض عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ اختتامي دُعا مولانا عبدالوحيد قريشي ڪرائي. ڪانفرنس جي پُڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو.#