دنيا کي جنگ نھ امن کپي، فلسطينين جو قتل انسانيت جو قتل آھي: اياز لطيف پليجو

آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي جي پٺڀرائي ڪري دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي رھيو آھي

دنيا کي جنگ نھ امن کپي، فلسطينين جو قتل انسانيت جو قتل آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي جي پٺڀرائي ڪري دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي رھيو آھي. معصوم فلسطينين جو قتل انسانيت جو قتل آھي. دنيا کي جنگ نہ پر امن جي ضرورت آھي، آمريڪا پنھنجي مفادن لاءِ دنيا کي جھنم بنائي ڇڏيو آھي. آمريڪا جنگ بندي جي معاملي تي استعمال ڪري مظلوم فلسطينين جي رت جون نديون وھائي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جي لٺ سرداري سان دنيا ۾ امن قائم نہ ٿي سگھندو، ان ڪري آمريڪا سميت سمورن ملڪن کان ويٽو پاور واپس وٺي دنيا تي جنگيون مسلط ڪرڻ جي رستا روڪ ڪئي وڃي.طاقت جي زور تي ملڪن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ ۽ مظلوم ماڻھن جي رت جا درياھ ورھائڻ بند ڪيا وڃن. فلسطينين جي زمينن تي اسرائيل جو ناجائز قبضو آھي. فلسطين جي سر زمينن تي فلسطينين کانسواءِ ٻيو ڪنھنجو حق ناھي. اسرائيل آمريڪا جو ناجائز ٻار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقوام متحده آمريڪي مفادن لاءِ جنگي دھشتگردي آڏو خاموش نہ رھي. گڏيل قومن جو ادارو مظلوم فلسطينين جي مدد لاءِ هنگامي قدم کڻي. عالمي برادري کي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي. فلسطين جي قومي آزادي ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري اسرائيل جارحيت کي بند ڪيو وڃي. عالمي عدالت اسرائيلي دھشتگردي جو نوٽيس وٺي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيلي دھشتگردي عالمي امن کي تباھ ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام اسرائيلي جنگي دھشتگردي کي رد ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطينين سان گڏ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ظالم حڪمران، ظالم طبقا قابل نفرت ۽ قابل مذمت آھن.