ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جي گڏجاڻي

غير حاضر ۽ گھوسٽ استادن ۽ عملي جون پگهارون بند ڪري شو ڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن: اسد علي خان

ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جي گڏجاڻي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جي گڏجاڻي -غير حاضر ۽ گھوسٽ استادن ۽ عملي جون پگهارون بند ڪري شو ڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن - اسد علي خان اليڪٽرانڪ ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ استادن سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي فھرست فوري طور تي پيش ڪئي وڃي ته جيئن ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي - ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان تعليم کاتي جي ضلعي عملدارن کي ھدايت ڪئي آهي ته ھو مسلسل غير حاضر ۽ گھوسٽ استادن ۽ عملي خلاف فوري طور تي ڪارروائي عمل ۾ آڻيندي اڄ شام تائين ھر صورت ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ تفصيل جمع ڪرائي پگهارون بند ڪرائين ۽ شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا وڃن ، ٻي صورت ۾ غفلت ڪرڻ وارن عملدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي - اھڙي ھدايت ھن سندس آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جي منعقد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني - ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ملازمن جي خلاف جيڪا به ڪارروائي ڪئي وڃي ان کان ضلعي انتظاميه ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر کي ضرور آگاهه ڪيو وڃي - ھن کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل اسڪولن جو دورو ڪري گھوسٽ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ ملازمن سميت گھوسٽ ۽ غير فعال اسڪولن جي فھرست جلد پيش ڪن ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي سگهجي - ھن چيو ته بايو ميٽرڪ جي نظام کي پڻ وڌيڪ مستحڪم بڻايو وڃي ته جيئن غير حاضر رھندڙ ملازمن جي صحيح طريقي سان نشاندهي ٿي سگهي - ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ انفارمیشن آفيسر ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي آهي ته ھو اليڪٽرانڪ ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ استادن سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي فھرست فوري طور تي پيش ڪئي وڃي ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي - گڏجاڻي ۾ اسڪولن ۾ ٻارڙن جو تعداد وڌائڻ ، بنيادي سهولتن جي فراهمي ، بائونڊري وال ، واش رومز ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ، بجلي ۽ فرنيچر جي مسئلن تي پڻ غور ڪيو ويو - ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر بريفنگ ڏيندي فعال ۽ غير فعال اسڪولن ، گھوسٽ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ ملازمن جي باري ۾ اعداد و شمار کان آگاهه ڪيو - گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري حضور بخش خاصخيلي ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالله جاکھرو ، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ممتاز علي بجورو ، چيف مانيٽرنگ آفيسر سجاد احمد انصاري کان علاوه ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسرز پرائمري ۽ سيڪينڊري ، ايجوڪيشن ورڪس ،اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي –