شڪارپور ۾ رھواسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

ذاڪر سمون نالي شخص مورثي ملڪيت پلاٽ تي قبضو ڪيو آھي: آغا امتياز مغل

شڪارپور ۾ رھواسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

شڪارپور(احسان ابڙو) ذاڪر سمون نالي شخص اسان جي مورثي ملڪيت پلاٽ تي قبضو ڪيو آھي ۔ آغا امتياز مغل، پوليس جي ڏاڍ تي زبردستي دروازا وجھي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، سٽي سرويئر جي عملي سان ملي ڀڳت ڪري کاتي ۾ به ھيرا ڦيري ڪري رھيو آھي, ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي تدارڪ لاء اپيل ڪيون ٿا ته مامري جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي، متاثر جون احتجاج دوران ميڊيا آڏو دانھون متاثر ٿيندڙ آغا امتياز مغل پاران پاڙي وارن ياسر سومرو، خليل سومرو، محمد بخش پھيار، پرويز سومرو سان گڏجي پلاٽ تي ٿيندڙ قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ قبضي خورن ذاڪر حسين سمون خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ھنن پاران صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ذاڪر سمون پنھنجي ڀائرن سان گڏجي پوليس جي ڏاڍ تي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاء ٻه دروازا وجھي ڇڏيا آھن ھن جو چوڻ ھو ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي کاتو اسان جي وڏن جي نالي تي ٿيل آھن، ھن الزام هڻندي چيو ته سٽي سرويئر عبدالشڪور ميمڻ ۽ پرائيويٽ ڪلارڪ عديل شيخ معرفت اسان جي جاء جا کاتا تبديل ڪيا آھن، ھن چيو ته ذاڪر سمون پنھنجي جاء ٺھرائڻ لاء اسان کان چاٻي گھري ھئي، جنھن اسان جي شرافت جو ناجائز فائدو وٺندي اسان جي غير موجودگي ۾ اسان جي پالاٽ آڏو دروازا وجھي ڇڏيا آھن جيڪا اسان سان ناانصافي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان لا۽ پورو پاڙي جا ماڻھو شاھدي ڏيندا ته اھا پراپرٽي اسان جي وڏن جي ۽ مورثي ملڪيت آھي پر ھاڻي ھو پنھنجي ڀائرن جيڪي پوليس وارا آھن ھنن جي ڏاڍ تي پلاٽ تي قبضو ڪري رھيو آھي ھن چيو ته اسان کي ضلع انتظاميه کان اميد آھي ته ھو انصاف ڪندا ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.