مٺي ۾ ٿرپارڪر سي ايم ڊبليو پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو

2سال گذري ويا پڪو نٿو ڪيو وڃي، پنجن مهينن کان پگهارون به ناھن مليون: لتا ڪماري

مٺي ۾ ٿرپارڪر سي ايم ڊبليو پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو

مٺي (رپورٽر) ٿرپارڪر جي 49 ڪميونٽي مڊوائف طور ڀرتي ٿيل عورتن کي ٻه سالن بعد به پڪو نه ڪيو ويو، پنجن مهينن کان پگهارون به نه ملي سگهيون انهي سلسلي ۾ ٿرپارڪر سي ايم ڊبليو پاران پريس ڪلب مٺي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي ڳالهائيندي سي ايم ڊبليو لتا ڪماري، شبانه ۽ ٻين چيو ته اسان کي 2020 ۾ ڀرتي ڪيو ويو ڇهه مهينن کانپوء ٻڌايو ويو ته اوهان جا آرڊر جعلي آھي ۽ انهي وقت اسان کي ڇهه مهينن جي پگهار به نه ڏني وئي جنهن بعد اسان ڊسمبر 2021 ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي انهي کي به ٻه سال ٿيا آھن پر اڃان تائين اسان کي ريگيولر نه ڪيو آھي نه ئي اسان کي گذريل پنج مهينن جي پگهار ملي آھي اڳ ۾ به اسان کي 9 مهينا گذرڻ بعد پگهار ڏني وئي هئي ۽ ھاڻي به اسان کي رلايو پيو وڃي هنن چيو ته اسان کان ريگيولر ڊيوٽر ورتي وڃي ٿي پر اسان کي پگهارن جي لاء رلايو ٿو وڃر هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ريگيولر ڪري رهيل پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن.