سجاول ۾ سارين جي اگھھ ۾ لاٿ خلاف آبادگارن جو بئراج موري تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ڌرڻي سبب ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ مڪمل طور معطل رھي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون

سجاول ۾ سارين جي اگھھ ۾ لاٿ خلاف آبادگارن جو بئراج موري تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

سجاول (ڊر ) سجاول ۾ ساريال فصل جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ خلاف سجاول جي آبادگارن جو رائيس ملز ۽ واپارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بئراج موري وٽ ڌرڻو هڻي مين شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏيو ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند هئڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون خبر موجب سجاول ضلع ۾ ساريال جي فصل جي اگھ ۾ مسلسل لاٿ خلاف سجاول جي آبادگارن بئراج موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪراچي بدين ويندڙ مين شاهراه بلاڪ ڪيو جنهن سبب ٻنهي پاسي کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي آبادگارن ساجد علي جماري, عبدالرشيد پليپوٽو, عبدالرزاق لغاري حاجي گلشير خاصخيلي وڏيرو حميد سهتو رئيس امين چانگ اسماعيل آمڙو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گورنمنٽ جو ريٽ 90000 هزار روپيه في کڙار آهي جيڪو هتي رائيس ملز مافيا 55000 کان 60000 روپيه في کڙار وٺي رهي آهي اسان ٻج ڀاڻ دوائون ۽ ٽريڪٽر جي کيڙي سميت في ايڪڙ تي هڪ لک کان مٿي خرچ اچي ويو آهي ۽ اسان کي پاڻي جي کوٽ ڏني وئي جنهن سبب اهو سارين جو ايوريج به لهي نه سگهندو هيئر جڏهن اسان جي سارين جا لاڀارا شروع ٿيا آهن ته ملز مافيا ريٽ ڪرائي اسان کي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي هنن نگران وفاقي ۽صوبائي حڪومت سميت ضلع انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته سارين جو سرڪاري ريٽ مطابق 4500 روپيه مڻ ۽ 90000 هزار روپيه کڙار ڏئي اسان کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي احتجاجي ڌرڻي ۾ سابق ايم پي اي شاه حسين شاه شيرازي ۽ ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ۽ کين خاطري ڪرائي ته جمعي ڏينهن ٿيندڙ ميٽينگ ۾ مسئلا حل ڪيا ويندا