آءِ جي سنڌ ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي

نوجوان حسن عباسي آءِ جي سنڌ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي

آءِ جي سنڌ ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي، نوجوان حسن عباسي آءِ جي سنڌ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار نوجوان کي سي پي او گھرائي ساڻس ملاقات ڪئي، نوجوان کي اعزازي ايس پي آهي، آءِ جي سنڌ نوجوان کي شيلڊ پيش ڪئي ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران اعزازي ايس پي سان سندس والد ۽ چاچو به گڏ هئا