پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جو اغوا سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي نشاندھي ڪري ٿو: محنتي

سنڌ ۾ ڏوھارين توڙي انھن جي سرپرستي ڪندڙمقامي بااثر ڌرين خلاف بي رحم آپريشن ڪيو وڃي

پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جو اغوا سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي نشاندھي ڪري ٿو: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي خانپور ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو حملو، ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي ايس ايڇ او پٽ ۽ اھلڪارن سميت اغوا ڪرڻ جي واقعي کي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ انڌير نگري چرٻٽ راڄ قرار ڏيندي چيو تہ سنڌ حڪومت جي ڪٿي بہ رٽ نظر نہ ٿي اچي عملي طور عوام ۽ صوبي کي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو آھي،جڏهن محافظ پاڻ ئي محفوظ ڪونه آهن ته پوءِ اهي عوام جي ڪهڙي حفاظت ڪندا.ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ ڪشمور کان پوءِ شڪارپور ۾ ڌاڙيلن هٿان ايس ايڇ او سميت اھلڪارن جي اغوا وارو واقعو افسوس ناڪ ۽ ڌاڙيل راڄ جي نشاندھي ڪري ٿو،ظلم وري اهو جيڪا پوليس عوام مٿان لٺون وسائيندي آهي،اها ساڳي پوليس ڌاڙيلن سان مذاڪرات ڪري پئي جيڪا قانون سان مذاق برابر آهي.عوام جي جان مال جي حفاظت توڙي ڪوٽ شاھو جھڙي واقعن جي سد باب لاءِ ضروري آھي تہ ڏوھارين توڙي انھن جي سرپرستي ڪندڙمقامي بااثر ڌرين خلاف بي رحم آپريشن ڪري امن قائم ڪيو وڃي.ھن زور ڏنو تہ ايس ايڇ او ۽ اھلڪارن جي خير خوبي سان واپسي کي يقين بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن .