انتھاپسندي نامنظور، جناح صاحب جو انسانيت وارو پاڪستان چاهيون ٿا: اياز لطيف پليجو

انتھاپسندي قبول نھ ڪنداسين، پاڪستان کي رواداري، برابري ۽ امن ذريعي ڪامياب بڻائڻو آهي

انتھاپسندي نامنظور، جناح صاحب جو انسانيت وارو پاڪستان چاهيون ٿا: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جناح صاحب جو انسانيت وارو پاڪستان چاهيون ٿا، پاڪستان کي رواداري، برابري ۽ امن ذريعي ڪامياب بڻائڻو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو، ٻڌايو وڃي تہ ڪرپشن، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ تباھ ٿي رهي آهي عدالتن ۽ ادارن کي عوام ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين چاھيون ٿا تہ ايوانن ۾ سنڌ جو حقيقي عوام چونڊجي اچي جيڪو ھي ڦرلٽ جو نظام بند ڪري سگھي ۽ عوام کي پنھنجا لٽيل حق واپس موٽائي سگھي، سنڌ دشمن ڌريون چاهين ٿيون تہ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي سنڌ جي انچ انچ، وسيلن ٻيٽن تيل گيس ڪوئلي جبلن سنڌو درياءَ جا مالڪ سنڌي آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال آھي. غير قانوني افغاني ۽ ٻيا پرڏيھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن، سلامتي، رواداري لاءِ وڏو خطرو آھن. ڪرپشن ۽ دھشتگردي پاڻ ۾ جڙيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. ڌاڙيل راڄ قائم ڪري سنڌ جي امن کي تباھ ڪيو ويو آھي. سنڌ جو عوام ڪرپشن، ڏوھاري راڄ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو جدوجھد ۾ ساٿ ڏئي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ماڻھن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن. روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن. اٽو، چانور، دال ۽ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون سستيون ڪيون وڃن جو مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھي۔ اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاء پريشان آھن۔ کاڌي پيتي جا اگھ اميرن جي پھچ وارا نہ ڪيو. سبسڊي ڏئي ايترو سستو ڪيو وڃي جو ڪنھن ماء جي ٻچن کي بکيو نہ سمھڻو پوي۔ ڪو ٻہ وقت ماني لاء ڪنھن جي اڳيان ھٿ نہ ڦھلائي