ڌمڪيون ڪيس: عدالت سحر شاھ کي پوليس پروٽيڪشن فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت سحر شاھ کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ايف آء اي سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

ڌمڪيون ڪيس: عدالت سحر شاھ کي پوليس پروٽيڪشن فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ آرٽسٽ سحر شاه کي پارس شاھ جي قاتلن ۽ ساٿاري سپورٽرن پاران مسلسل ڌمڪيون ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالت سحر شاھ کي پوليس پروٽيڪشن فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت سحر شاھ کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ايف آء اي سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

سحر شاھ رضوي جو چوڻ آھي تھ عدالت ايف آء اي سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، منھنجو اڳ به ڊيفيميشن جو ڪيس ھلي رھيو آھي،

وڪيل ماجد گبول جو چوڻ ھو تھ اصغر سومري ڪجھ بليڪ ميلر صحافين جي ملي ڀڳت سان سحر شاھ جي سي ڊي آر ڪڍرائي آھي،

درخواست گذار کي سي ڊي آر جي ڊيٽا ھٿ ڪري فيس بوڪ تي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي،

ھڪ نجي انگريزي اخبار ۾ سحر شاھ خلاف ڪوڙو ڪالم لکي سندس ساک کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي،

اصغر سومري سميت بليڪ ميلر صحافين ۽ جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي،

ھڪ مھينو اڳ سحر شاھ رضوي پنھنجي وڪيل ماجد گبول ذريعي درخواست داخل ڪئي ھئي