ڪراچي ۾ سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو جي گاڏي تي ھٿياربندن جي فائرنگ

ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ سماجي اڳواڻ معجزاڻي طور محفوظ، علائقي واسين پاران احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي ۾ سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو جي گاڏي تي ھٿياربندن جي فائرنگ

گڏاپ (نبي بخش خاصخيلي)ڪراچي سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو جي گاڏي مٿان اڻڃاتل ھتياربندن جي فائرنگ. سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو معجزاڻي طور محفوظ رھيو. علائقي واسين جو احتجاج. اعلي اختيارين کان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. تفصيل موجب. ڪراچي نادرن باءِ پاس وٽ اڻڃاتل ھٿياربندن انڊس وليج جي صدرسماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ سبب گاڏي کي نقصان پھتو جڏھن ته گاڏي ۾ سوار سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو معجزاڻي طور محفوظ رھيو. واقعي خلاف ڳوٺاڻن عبدالقادر ڏيپر. عمران سپريو. نور محمد مارفاڻي. ولي محمد راڄپر. گلزار بجاراڻي. اعجاز جسڪاڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين ڪندڙن چيوته علي غلام ڀنڀرو ھڪ بھترين انسان دوست آھي. ھن ھميشھ انڊس وليج جي ماڻھن سميت غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. سندس مٿان قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيوته گلشن معمار پوليس شھرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ھر روز چوريون ڦرون جون وارداتون ٿي رهيون آهن شڪايتن باوجود پوليس ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو. ھنن چيو ته نادرن باءِ پاس ڏوھارين جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي. آئي ڏينهن سرعام ھٿيارن جي زور تي ڦر جون وارداتون ٿي رھيون آھن. شھرين پنھنجي قيمتي شين کان محروم بڻجي چڪا آهن. پر پوليس صرف قبضا مافيا. پاڻي مافيا سماجي براين جي اڏن تان منٿلي وٺڻ ۾ پوري آهي. علي غلام ڀنڀري مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ٻي طرف سماجي اڳواڻ علي غلام ڀنڀرو ٻڌايو ته هو گلشن معمار کان انڊس ٽائون ۾ پنهنجي گهر انڊس وليج اچي رهيو هو. ته ون ٽو فائيف موٽر سائيڪل تي سوار چار کان وڌيڪ ھٿياربندن منھنجي گاڏي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب منھنجي گاڏي کي چار گوليون لڳيون ۽ آء معجزاڻي طور محفوظ رھيس. علي غلام ڀنڀري چيو ته سندس جي ڪنهن سان ڪابہ دشمني ناهي. واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ. ايڊيشنل آءِ جي سنڌ. ايس ايس پي اولهه کان واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.