ٺٽو ۾ ڊي سي آفيس وٽ پيرسن شخص بيھوشي حالت ۾ ھٿ

پ پ اڳواڻ نظير ميمڻ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان روڊ تي پيل پيرسن کي اسپتال منتقل

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊي سي آفيس مڪلي جي چند قدمن تي ڊي سي آفيس چوڪ وٽ روڊ ڀرسان ھڪ درويش صفت شخص بيھوشي واري حالت ۾ ڪيترائي ڪلاڪ پيو رھيو، جنھن کي روڊ تان گذرندڙ پ پ پ اڳواڻ نظير ميمڻ ۽ ٻين ماڻھن ڏسي 1122 گاڏي کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد 1122 واري ايمبولينس پھڇي ويئي، جنھن ۾ کيس کڻائي سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو اھي، جنھن کي رڳو قميص پاتل آھي، ڪھڙي نہ بي حسي يا افسوس جي ڳالھ آھي تہ ڊي سي آفيس ويندڙ ھر ماڻھون توڙي آفيسر کيس ڏسي بہ ان درويش صفت بيھوش انسان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جيڪو ھن وقت سول اسپتال مڪلي ۾ علاج ھيٺ آھي، اسپتال انتظاميہ کي گھرجي تہ ان درويش صفت انسان جو بھتر علاج ڪري سندس حياتي بچائي.