بڊاڻي شھر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور جي ھدايتن تي ڇاپا

مختيارڪار خالد لنڊ ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار نور محمد چاچڙ ڇاپا ھنيا

بڊاڻي شھر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور جي ھدايتن تي ڇاپا

ڪشمور (ڊ ر) بڊاڻي شھر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور عمران نظير شيخ جي هدايتن تي مختيارڪار خالد حسين لنڊ اسسٽنٽ مختيارڪار نور محمد چاچڙ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪڻڪ ۽ ڀاڻ زخيره ڪندڙ خلاف ڪاروائي اڄ بڊاڻي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور عمران نظير شيخ جي هدايتن تي مختيارڪار خالد حسين اسسٽنٽ مختيارڪار نور محمد چاچڙ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏيون ڪاروايون جاري هزاين مڻ ڪڻڪ زخيره ڪندڙ ڀانڊا ۽ ڀاڻ زخيره ڪندڙ ڀانڊا سيل ان موقعي تي مختيارڪار جو چوڻ هو ته نگران حڪومت جي حڪم تي سڄي ملڪ اندر زخيره ڪندڙ واپارين خلاف ڪاروايون جاري آهن . ان ڏس ۾ اڄ بڊاڻي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪاروائي ڪندي 86500 ڪڻڪ جون 50 ڪلو واريون ٻوريون جڏهن ته غير قانوني زخيره ٿيل ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪيون ۽ 60 ڀانڊا سيل ڪيا آهن جن تي قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي