ايم پي اي سيد رياض حسين شاھھ شيرازي جنگشاھي واسين کي پيش ايندڙ مسئلن جو نوٽيس ورتو

سيد رياض حسين شاھھ شيرازي ڪمپني انتظاميھ سان گڏ ڳوٺ مڱيلڌو جوکيو ۾ پھچي ڳوٺاڻن جا مسئلا ٻڌا

ايم پي اي سيد رياض حسين شاھھ شيرازي جنگشاھي واسين کي پيش ايندڙ مسئلن جو نوٽيس ورتو

ٺٽو( ڊر) جنگشاھي لڳ ڪمپني انتظاميہ طرفان مقامي رھواسين جا رستا، برساتي نالن جا منھن بند ڪرڻ سميت درگاھ امير شاھ جيلاني جي چوديواري ڊاھي پٽ ڪري ليٽرين جو نيڪال بند ڪري وڏا بند لڳائڻ سان گڏ موسي اصحابو قبرستان، درگاھ شاھ وڌيو ۽ درگاھ شاھ ورو کي چوطرف وڏا بند لڳائي رستا بند ڪرڻ سميت مقامي ماڻھن کي روزگار نہ ملڻ توڙي مال جا چراگاھ بند ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر ڳوٺاڻن جي دانھن جو اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي نوٽيس وٺندي ڪمپني انتظاميہ جي آفيسرن سان ڳالھائي ڪمپني انتظاميہ جي عملدارن اسامہ ۽ خورشيد سان گڏ متاثر ڳوٺاڻن حاجي مير حسن جوکيو، عالم جوکيو، خليفو محمد سومار خاصخيلي ۽ ٻين وٽ ڳوٺ مڱيلڌو جوکيو ۾ پھچي ساڻن ٿيل ناانصافين جون دانھون ٻڌي کين اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ ڪمپني انتظاميہ جي عملدارن اسامہ ۽ ٻين پاران ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي تہ سندن بند ٿيل رستا بحال ڪرائي درگاھن کي پھتل نقصان جي ازالي سميت مقامي ماڻھن کي روزگار مھيا ڪري سندن سمورا خدشا دور ڪيا ويندا، ان موقعي تي سيد فداحسين شاھ، ذوالفقار جوکيو سميت وڏي تعداد ۾ مقامي ڳوٺاڻا موجود ھئا. ياد رھي تہ سيد رياض حسين شاھ شيرازي کان اڳ متاثر ڳوٺاڻن جي دانھن جو DC ٺٽو، AC ٺٽو ۽ بين روينيو کاتي جي عملدارن پاران نوٽيس وٺي سرزمين جو جائزو وٺڻ باوجود متاثر ڳوٺاڻن کي انصاف ملي ناھي سگھيو، جنھن ڪري ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي انصاف جا منتظر آھن.