ڏھرڪي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 3 ڄڻا زخمي

لياقت ۽ ٻين حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو: شڪيل سونارو

ڏھرڪي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ڏھرڪي (نويد چغتائي) ڏهرڪي ۾ معمولي ڳالهه تان سونارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لوهي شيخون لڳڻ سبب 3 نوجوان رتورت نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل خبر موجب ڏهرڪي شهر جي صرافه بازار ۾ معمولي ڳالهه تان سونارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لوهي شيخون لڳڻ سبب ٻه نوجوان شڪيل احمد ۽ سندس ڀاڻيجو مير حمزه سونارو پٺاڻ رتورت ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ علاج لاءِ ڏهرڪي جي اسپتال داخل ڪيو ويو ان موقعي تي زخمي شڪيل سونارو پٺاڻ ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان سونارا برادري جي لياقت، رحمت، عثمان، قيوم سونارو پٺاڻ وارن سندس دوڪان تي حملو ڪري سندس دوڪان تي ويٺل ڀاءَ جانگهير سونارو کي مارڪٽ ڪري رهيا هئا جنهن کي ڇڏائڻ تي حملو ڪندڙن مڇرجي لوهي شيخن جا وار ڪري مونکي ڀاءَ ۽ ڀاڻيجي سميت رتورت ڪري ڇڏيو آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن خلاف ڪاروائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي