گڏاپ جي غازي ڳوٺ ۾ پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف رھواسين جو احتجاجي مظاھرو

انڪم ٽيڪس ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ 200 گز جي پلاٽ تي بااثرن قبضو ڪري ورتو آھي: مظاھرين

گڏاپ جي غازي ڳوٺ ۾ پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف رھواسين جو احتجاجي مظاھرو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)انڪم ٽيڪس ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ 200 گز جي پلاٽ تي بااثر ماڻھن ھتياربندن جي زور تي زبردستي قبضو ڪري پلاٽ جي مالڪ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف متاثر ڌر پاران غازي ڳوٺ ۾ قبضہ مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.مظاھرين اعلي اختيارين کان پلاٽ تي قبضو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. تفصيل موجب ڪراچي سچل ٿاڻي جي حد انڪم ٽيڪس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ 200 گز جي پلاٽ تي بااثر فوزيه ۽ سندس مڙس سليم خان ۽ سندس ساٿاري جمون خان لاشاري ھٿياربند ساڻ ڪري زبردستي پلاٽ تي قبضو ڪري گھر ڀاتين مٿان سخت تشدد ڪيو. جنھن خلاف متاثر ڌر جي يار محمد کيمٽيو. امتياز کوکر. فراز کيمٽيو ۽ ٻين غازي ڳوٺ جي چانڊيا چونڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سليم خان ۽ سندس ساٿاري جمون خان لاشاري جي چرچ تي اسان جي انڪم ٽيڪس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ 200 گز جي پلاٽ تي زبردستي ھٿياربندن جي زور تي قبضو ڪري اسان جي ماڻھن مٿان سخت تشدد ڪري زبردستي پلاٽ تي ڪم ڪرائي رھيو آھي. ھنن چيو ته پلاٽ جي مڪمل اوريجنل فائيل اسان وٽ موجود آھي. جنھن جي ويري فائيف پڻ انڪم ٽيڪس ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ايڊمنسٽريٽر کان ٿيل آھي. ھنن چيو ته اسين پلاٽ تي قبضي جي درخواست ايس ايڇ او سچل. ايس ايس پي اوڀر. ڊي آء جي اوڀر کي ڏني آھي پر ان باوجود به پوليس قبضہ مافيا خلاف ڪابه قانوني ڪاروائي ناھي ڪئي. مظاهرين آء جي سنڌ. ايڊيشنل آء جي سنڌ. ايس ايس پي اوڀر کان فوري طور تي قبضا مافيا سليم خان ۽ سندس ساٿاري جمون خان لاشاري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پلاٽ تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي