English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف 8 آڪٽوبر تي هٽڙي باءِ پاس تي جلسو ٿيندو
views
|
02nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي، قتل جون وارداتون عام ٿي ويون آهن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مھانگائي، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن، زرعي تباھي، پاڻي تي ڌاڙي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسہ عام جو اعلان ڪندي چيو آهي تہ جلسي عام ۾ ھزارين سنڌياڻين سميت لکين ماڻهو شرڪت ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. مھانگائي سبب لکين پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جي زندگي بدتر ٿي وئي آھي. صحافين، معصوم ٻارڙن، نوجوانن ۽ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي، لاقانونيت ۽ بربريت جو راڄ آھي. سنڌ جا وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سبب سنڌ کنڊر ٿي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو، اٽي ،اجهي ۽ جمهوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو. تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قدرتي وسيلن تي ڪمائي جو پھرين حق مالڪ صوبي ۽ انهن علائقن جو آهي،اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ تيل، گئس، ڪوئلي ،زمين، پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي لٽيو پيو وڃي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت، بيروزگاري، بدحالي، بدامني، لاقانونيت ،ڌاڙيل ڪلچر، قبيلائي دھشتگردي سميت مختلف مسئلن ۾ گھيريل آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود پاڪستان جو ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھي۔ چند ماڻھن کي دولتمند بنائڻ لاء ڪروڙين عوام کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آھي. معاشي پاليسيون مٿين طبقي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ھارين مزدورن ۽ غريب عوام کي وڌيڪ بدحالي جي اونھي کڏ ۾ اڇلائڻ واريون آھن، ملڪ جون پاليسيون جيڪڏھن عوام دوست ۽ غريب دوست ھجن ھا، انھن جي پاليسين ۾ سنڌ جي خوشحالي شامل ھجي ھا تہ اڄ صورتحال بھتر ھجي ھا پر سنڌ ۽ ملڪ تي ڪرپٽ ڦورون ۽ لٽيرن حڪمرانن جو راڄ رھيو آھي، جنھنڪري ماڻھو پنھنجي بنيادي انساني حقن، انصاف، تعليم ۽ صحت کان محروم آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسہ عام ۾ لکين عوام شريڪ ٿي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شاھراھ ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ ترقي ۽ عوامي سھولت ۾ پنھنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آھي: سمعتا افضال سيد
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سالياني چونڊ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف
ڊجيٽل آدمشماري
0 تبصرے