سکر: اي ٽي سي ۾ سينئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي

عدالت گرفتار جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

سکر: اي ٽي سي ۾ سينئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سينئر صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار ٽن سهولتڪارن بخش علي عرف بخشو مهر، بابر مهر ۽ منور پٽ الاهي بخش کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي 10 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا