ڊي سي سجاول پاران 4 ٻارڙن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ واري خبر جو نوٽيس

عبدالواجد شيخ پاران ڳوٺ علي محمد ھالو واسي بيمار ٻارڙن واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڊي سي سجاول پاران 4 ٻارڙن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ واري خبر جو نوٽيس

سجاول (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ يونين ڪائونسل ٻيلو جي ڳوٺ علي محمد هالو ۾ چئن ٻارڙن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ھئڻ بابت ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حنيف ميمڻ ٻارڙن جي مفلوج ٿيڻ واري معاملي جي تحقيقات لاءِ ماهر ڊاڪٽرن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر انور، آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر آصف ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊي ايس او ڊاڪٽر عامر تي مشتمل ٽہ رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آھي تہ جيئن ٻارڙن جي پراسرار بيماري بابت اصل حقيقتون سامهون آڻي سگهجن. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جي بيماري جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ باقاعده جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪميٽي 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجي ابتدائي رپورٽ پيش ڪندي ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هن چيو ته اسان مفلوج ٻارڙن ۽ سندن گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ ٻارڙن جي علاج لاءِ هر قسم جي مدد ۽ سهڪار کي يقيني بڻايو ويندو.