سجاول ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين پاران شٽربند ھڙتال، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

واپاري اتحاد جي اڳواڻن، شھرين، سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو

سجاول ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين پاران شٽربند ھڙتال، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ واپاري کان لکين رپين جي ڦرلٽ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئی وئي ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. واپارين ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل رقم واپس ڪرائي بدامني تي ضابطو آندو وڃي. سجاول ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اڻڄاتل هٿياربند ڪريانه ھول سيل جي واپاري حافظ زبير احمد ميمڻ کان لکين رپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا هئا. جنهن خلاف انجمن تاجران پاران ڪالهه سجاول ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي ۾ سوين شھرين سميت انجمن تاجران اتحاد جي اڳواڻن ۽ پيپلزپارٽي ضلعي سجاول ٺٽو جي اڳوڻي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ، پيپلز پارٽي تعلقي سجاول جي صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي. پبلڪ پارڪ وٽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سجاول جي اڳواڻن ارباب وزير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، انجمن تاجر اتحاد اڳواڻن حاجي اسلم ميمڻ، حافظ رياض احمد ميمڻ، حاجي محمد ميمڻ، جي يو آءِ ڪائونسلر محمد حسن ميمڻ، متاثر واپاري حافظ زبير احمد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سجاول ۾ اڳوڻي ايس ايس پي امداد علي شاھ جي بدلي ٿيڻ ۽ نئين ايس ايس پي شهلا قريشي جي مقرري باوجود بدامنيءَ تي ڪوبه ضابطو نہ اچي سگھيو آھي ۽ سجاول جي عوام اڄ به چورن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي رحم ڪرم تي آهي. انهن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب ڦورن ڏينھن ڏٺي جو ماڻھن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهن پر پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.انهن چيو ته واپاري حافظ زبير احمد ميمڻ کان 15 لک رپيا ڦر ٿي ويا، پر پوليس نه ته ڦورن کي پڪڙي سگهي آهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪو به پتو پئجي سگهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين ۽ ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي کان مطالبو ڪيو آهي ته بدامني تي ضابطو آڻي واپاري حافظ زبير احمد ميمڻ کان ڦريل رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ پوري ضلعي ۾ شٽربند هڙتال ڪري برانچ موري وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.