ڊي سي ٺٽو پاران صحت مرڪز ڌاٻيچي ۽ واٽر فلٽريشن پلانٽ گھارو ۽ ڌاٻيچي جو دورو

ڊپٽي ڪمشنر پاران صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن، عملي ۽ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت

ڊي سي ٺٽو پاران صحت مرڪز ڌاٻيچي ۽ واٽر فلٽريشن پلانٽ گھارو ۽ ڌاٻيچي جو دورو

ٺٽو( ڊر) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران صحت مرڪز ڌاٻيچي ۽ واٽر فلٽريشن پلانٽ گھارو ۽ ڌاٻيچي جو دورو ، صحت ، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين سھولتن جو جائزو - ٺٽو نگران وزير اعليٰ سنڌ جي خاص هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو اقبال احمد تنيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ بنيادي صحت مرڪز ڌاٻيجي، واٽر فلٽريشن پلانٽ گهارو ۽ ڌاٻيجي ۽ ٽائون ڪميٽي گهارو جو تفصيلي دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بنيادي صحت مرڪز ڌاٻيجي جي انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو ڊاڪٽرن، عملي ۽ دوائن جي موجودگي سميت عوام کي بهتر طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. هن واٽر فلٽريشن پلانٽ گهارو ۽ ڌاٻيجي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي بنا ڪنھن رنڊڪ جي 24 ڪلاڪ جاري رکن. هُن ٽائون ڪميٽي گهارو جي آفيسرن ۽ عملي جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو کي هدايت ڪئي ته هو ٽائون ڪميٽي جي عملدارن جي نگراني ڪري انهن جي حاضري کي يقيني بڻائي. ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ سميت عوام کي صحت جون بهتر سهولتون، معياري تعليم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن وڌ ۾ وڌ عوام کي فائدو پهچي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي عمل ڪندي ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ صحت، تعليم ۽ پبلڪ هيلٿ جي شعبن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تعلقہ سطح تي پڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهيءَ ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن تي مشتمل ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن جيڪي صحت مرڪزن، اسڪولن، واٽر سپلاءِ جي تلائن، ڊرينيج، صفائي سٿرائي جو تفصيلي معائنو ڪري مزڪورہ کاتن جي ڪارڪردگيءَ بابت هفتيوار رپورٽ پيش ڪنديون. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته قائم ڪيل ڪميٽين کي اھا پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته ھو درپيش مسئلن، وسيلن ۽ عملي جي کوٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري بابت تجويزون پيش ڪن تہ جيئن اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي سگهجن. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان مختلف پوليو مرڪزن ۽ ٽرانزسٽ پوائنٽس جو دورو ڪري ضلعي ۾ ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هُن پوليو ٽيمن جي ورڪرن کي هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن ڪو به ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي.