سجاول ۾ ٽائون چيئرمين آفتاب حسين شاھھ شيرازي جي مان ۾ آجياڻو

وارڊ پنج جي واسي شھباز ميمڻ،سليم ميمڻ،فقير اسماعيل کتري ۽ ٻين پاران آجياڻو ڏنو ويو

سجاول ۾ ٽائون چيئرمين آفتاب حسين شاھھ شيرازي جي مان ۾ آجياڻو

سجاول(گلشيرميربحر) سجاول وارڊ نمبر 5 ۾ ڪافي عرصي کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم نه ٿيندو ھو جنھن تي ٽائون ڪاميٽي سجاول چئيرمين آفتاب حسين شاهه شيرازي وارڊ نمبر پنج ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏئي وارڊ نمبر پنج ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي وارڊ نمبر پنج جي رھواسي شھباز ميمڻ،سليم ميمڻ،فقير اسماعيل کتري۽ پاران ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين آفتاب حسين شاھ شيرازي سنيل ڪمار شھزاد شاھ وڪي شاھ بخاري سنجي ڪمار سنڌي،مبارڪ ٻاگھل،شريف ٻاگل، ممتاز خليفو، جي مان ۾ آجياڻو ڏئي اجرڪون اوڌايون انھيءَ موقعي تي رھواسين شھباز ميمڻ،فقير اسماعيل کتري،سليم ميمڻ،ثناءاللہ کٽي دلدار ميمڻ،اياز ميمڻ،جن چئرمين ٽائون ڪميٽي سجاول آفتاب شاھ شيرازي جو شڪريو ادا ڪيو جنھن تي ٽائون ڪميٽي چيئرمين آفتاب شاھ شيرازي چيو آهي ته سجاول جي شھرين کي سھولتون فراهم ڪرڻ منھنجو فرض آھي اسان بنا فرق جي شھرين کي سھولتون فراهم ڪنداسين مخالف اسان جي ڪيتري به مخالف ڪن اسان تي فرق نٿو پوي اسان پوئتي نه هٽنداسين اسان عوام جي مسئلن کي حل ڪندا رھندا سين ان وڌيڪ چيو ته سجاول جي ماڻھن ھميشه اسان کي محبت ڏني آھي اڄ وارڊ نمبر پنج جي ماڻھن اسان کي محبتون عزت بخشي آھي اسان انھن جا ٿورائتا آهيون جيڪي اسان کي ڏئي اسان کي حوصلا افزائي ڪئي آھي انشاءالله آئون پنھنجي بابا شھيد اڪرم شاهه شيرازي جي نقشي قدم تي هلي شھرين جي خدمت ڪري پنھنجي والد شھيد اڪرم شاهه شيرازي جو نالو روشن ڪندس ان وڌيڪ چيو ته منھنجي ڪوشش آھي سڀ کان پھرين پاڻيءَ جي سپلاءِ مڪمل طور ڪارايا صفائيءَ جي نظام مڪمل ھجي جنھن به شھري جو مسئلو ھجي ان جو مسئلي کي حل ڪيو ويندو