گڏاپ: ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ جي منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ۾ ورڪشاپ منعقد

سي اي سي، بھار فائونڊيشن ۽ اربن ليب پاران 13 کان 26 سالن جي نوجوانن لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو

گڏاپ: ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ جي منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ۾ ورڪشاپ منعقد

گڏاپ (رپورٽر)منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ سي اي سي ، بھار فائونڊيشن ۽ اربن ليب پاران 13 کان 26 سالن جي نوجوانن کي جيو گرافڪ انفارميشن سسٽم ( GIS ) ٽن ڏينھن جو ورڪشاپ ڪرايو ويو
پروگرام ۾ نوجوانن کي ڪراچي جي ڪچين آبادين ۾ GIS ، ڊيٽا ھينڊلنگ ۽ عملي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ صلاحيتن کي بھتر بنائڻ بابت جاگرتا ڏني ويئي
ورڪشاپ ۾ ڪراچي جي مختلف ڳوٺن کان آيل 18 نوجوان شريڪ ٿيا جن کي اربن ليب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد توحيد ، ڪلائيمينٽ ايڪشن سينٽر جي ياسر دريا خان ، بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌيو ،
اربن ڪريئٽوٽي جي ڊائريڪٽر پرويز احمد ڄامڙو ۽ ٻين ماھرن نوجوانن کي مختلف سيشن ڪرايا ، ماھرن نوجوانن کي سمارٽ فونز تي عملي طرح ڊيٽا گڏ ڪرڻ ، ڪمپيوٽر جي ڊيٽا تي جامع سيشن ، جي پي ايس ٽيڪنالوجي جي ڄاڻ ڏني ويئي نوجوانن جي صلاحيتن کي بھتر بنائڻ لاء سرجاني ٽائون ۽ خميسو ڳوٺ جي ويجھو لياري ندي جي فيلڊ وزٽ دوران ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي مشق ڪرائي ويئي جنھن ۾ ڪراچي جي ڪچي آبادي جي نوجوانن کي تجربو مھيا ڪيو ويو ورڪشاپ ۾ نوجوانن کي مائڪروسافٽ ايڪسل جو تعارف ، ڊيٽا جي ڦير ڦار ۽ تجزيي جو اوزار نوجوانن جي تجسس ۽ جوش کي وڌايو ،
ان موقعي تي چيئرمين بھار فائونڊيشن محمد سچل وڌيو ڳالھائيندي چيو ت ورڪشاپ ۾ نوجوانن کي ضروري مھارتون ڏيڻ سان گڏ GIS ۽ ڊيٽا کي مقامي چئلينجن کي منھن ڏيڻ ، با صلاحيت ٿي فيصلا ڪرڻ جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي آھي ،
ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌيو پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا