English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي طرفان اسلام ڪوٽ ۾ اکين جي مفت ڪيمپ قائم
views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ جي پھرين ڏينھن 400 کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس ڪري نظر جا چشما ۽ دوائون ڏنيون ويون
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي جي طرفان اسلام ڪوٽ ۾ اکين جي مفت چڪاس ۽ مفت آپريشن لاءِ ٽن ڏهاڙن واري طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي،
ڪيمپ جي پھرين ڏينھن 400 کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس ڪري نظر جا چشما ۽ دوائون ڏنيون ويون.
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي جي طرفان اکين جي مفت طبي ڪئمپ جي افتتاحي تقريب ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ ٿي گذري،
جنھن جو افتتاح ٿر فائونڊيشن جي جنرل مينيجر فرحان انصاري، اسلام ڪوٽ ٽائون جَي چيئرمين ڪمليش ڪمار، سماجي اڳواڻ سبحان سميجَي، گھنشام پارواڻي، فقير منور ساگر ايڊووڪيٽ، ڪلديپ پاروواڻي، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي ، عبدالغني بجير ۽ ٻين ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي جنرل منيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري چيو ته ٿر فائونڊيشن طرفان اڳ به علائقي ۾ صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ۽ انهي سلسلي ۾ اکين جي مفت چڪاس ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي
جتي ضرورتمندن جا مفت آپريشن پڻ ڪيا ويندا. اسلام ڪوٽ ٽائون جي چيئرمين ڪمليش ڪمار چيو ته ٿر فائونڊيشن جس لهڻي جنهن علائقي جي غريب عوام لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي،
الخدمت فائونڊيشن جي سبحان سَميجَي چيو ته انسان کي رب پاڪ طرفان مليل نعمتن مان وڏي نعمت اکين جي نظر آهي، جيڪڏهن انهي جو علاج ٿئي ٿو ته ان کان وڏي ڪا به خدمت ناهي،
ٿر فائونڊيشن طرفان ڪئمپ لڳائڻ ساراھ جوڳو قدم آهي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي چيو ته ٿر فائونڊيشن جو هي قدم عوامي ڀلائي لاءِ آهي جنهن تي سموري ٽيم جس لهڻي.
فقير منور ساگر ايڊووڪيٽ پڻ ٿر فائونڊيشن طرفان اکين جي ڪيمپ قائم ڪرڻ واري عمل کي ساراھيو.
تقريب کي ٿر فائونڊيشن جي ڊپٽي مينيجر مُبشر سومرَي، هيلٿ آفيسر فياض شيخ، عبدالستار لنجَي۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪئمپ جي پهرين ڏهاڙي تي ٽوٽل 400 مريضن جي مفت چڪاس ڪئي وئي، جنھن مان 30 سيڪڙو مريضن کي نظر جا چشما ۽ 70 سيڪڙو مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون،
ان کان علاوه ڊاڪٽرن موجب 41 مريضن جو آپريشن ڪيو ويندو، مفت طبي ڪيمپ ٽن ڏھاڙن تائين تائين جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٿر فائونڊيشن
البصير ڪراچي
اسلام ڪوٽ
مفت
ڪيمپ
thar
foundation
Albaseer
karachi
0 تبصرے