مھانگائي خلاف 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو: محنتي

تيل بجلي گيس اگهن ۾ واڌ توڙي قومي ادارن کي خانگائڻ جو ان کي اختيار ۽ نه ئي مينڊيٽ آهي

مھانگائي خلاف 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو: محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي نگران حڪومت طرفان تيل، بجلي اگهن ۾اضافي بعد گئس اگهن ۾ واڌ کي اڻٽر قرارڏيڻ واري بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبرادر ڪيو آهي ته ڏانڊا کڻڻ لاءِ آيل نگران حڪومت بورچي بڻجڻ جي هرگزڪوشش نه ڪري ڇوته تيل بجلي گيس اگهن ۾واڌ توڙي قومي ادارن کي خانگائڻ جوان کي اختيار ۽ نه ئي مينڊيٽ آهي.نگران حڪومت جو ڪم صرف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار منتخب نمائندن حوالي ڪرڻ آهي .هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته ٿورڙي عرصي لاءِ آيل حڪومت کي اهو حق هرگز نٿو پهچي ته هوقومي ادارن جي نجڪاري ۽ تيل بجلي گيس اگهن ۾ مسلسل واڌ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي. نگران سرڪار پنهنجي ڏنل اختيارن کي اورانگهي مهانگائي جابم ڪيرائڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ته پوءِ عوام ان جو به گهيراءَ ڪندو. جماعت اسلامي جي مهانگائي۽حڪمرانن جي عوام دشمن فيصلن خلاف جدوجهد جاري رهندي 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس سامهون ڌرڻو هنيوويندو.هن گهر ڪئي ته نگران حڪومت آءِ ايم ايف جي فرمائش پوري ڪري عوام جي زندگي زهر بنائڻ بدران قومي مفاد سان گڏ ڪفايت شعاري سادگي توڙي سادگي جي پاليسي ۽ڪرپشن سميت پنهنجي توڙي اشرافيا جون مراعاتون ختم ڪري ملڪ معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي.