محتسب اعليٰ سنڌ جي حڪمن تي ڪي ايم سي بيواھ کي نوڪري ۽ رھتون ڏياري ڇڏيون

ڪي ايم سي جي فوتي ملازم جي بيواھھ مسمات ناهيد اختر محتسب اعليٰ سنڌ جي آفيس ۾ شڪايت داخل ڪرائي

محتسب اعليٰ سنڌ جي حڪمن تي ڪي ايم سي بيواھ کي نوڪري ۽ رھتون ڏياري ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان جي حڪمن تي ڪي ايم سي بيوا کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري ۽ مڙس جي بقايا رهيل ادائيگي ڪري ڇڏي. مسمات ناهيد اختر بيوا امتياز احمد محتسب اعليٰ سنڌ جي آفيس ۾ شڪايت داخل ڪرائي ته مڙس فائر بريگيڊ ڊپارٽمينٽ ڪي ايم سي ۾ ملازم هو ۽ دوران سروس سيپٽمبر 2018 ۾ هو لاڏاڻو ڪري ويو ان بعد کان هو مرحوم مڙس جي پينشن، سروس جي بقايا رهيل ادائيگي ۽ فوتي ڪوٽا تي پنهنجي مقرري لاءِ ڪوششون ڪندي رهي پر ڪي ايم سي ان جي درخواست تي ڪوئي خاطر خواه جواب نه ڏنو ان لاءِ هن محتسب اعليٰ سنڌ کان مداخلت جي درخواست ڪئي. محتسب اعليٰ سنڌ شڪايت تي ٻڌڻي ڪندي ڪي ايم سي کي حڪم جاري ڪيا جنهن جي جواب ۾ ڪي ايم سي ٻڌايو ته بيوا کي ان جي مرحوم مڙس جي پينش، پراويڊنٽ فنڊ، گروپ انشورنس جي بقايا رهيل جي مد ۾ 599،799/- روپين جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي ۽ فنڊز جي گهٽتائي جي ڪري ان کي گريجوئٽي جي رقم ادا ناهي ڪئي وئي. وڌيڪ ڪي ايم سي پاران بعد جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته فوتي ڪوٽا تي بيوا کي جيئن ته ڪلارڪ BPS-11 طور تي مقرر پڻ ڪيو ويو آهي. درخواست گذار پنهنجي مسئلي جي حل جي تصديق ڪندي محتسب اعليٰ سنڌ سان شڪريه جو اظهار ڪيو.