ڪراچي ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

سنڌ ۾ عملي طور جھنگ جو قانون لاڳو آھي، اغوا قتل ۽ نياڻين جي تذليل جا واقعا وڌي ويا آھن: محمد حسين محنتي

ڪراچي ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحافين جي تنظيم سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل طرفان سکر ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾ رٿيل احتجاجي ڪئمپ ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي،اطلاعات سيڪريٽري مجاہد چنا، سوشل ميڊيا جي مشاھد حسين کوسي شرڪت ڪئي. سنڌ جي امير محمد حسين محنتي پنھجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ عملي طور جھنگ جو قانون لاڳو آھي. ڏوھارين کان سنڌ جون نياڻيون ،عالم توڙي صحافي بہ ھاڻي محفوظ ناھن رھيا.صحافي جان محمد مھر جي شھادت کي ھڪ مھينو ٿيڻ وارو آھي پر قاتل اڃان تائين گرفتار ناھن ڪيا ويا.صحافين جي احتجاج تي گھرو وزير 15ڏھاڙن جي مھلت گھري اھي بہ پورا ٿي ويا پر قاتل سوگھا ڪونہ ٿي سگھيا آھن. چيو ويندو آھي تہ جنھن جا قاتل گرفتار نہ ٿين تہ ان جي قاتل پاڻ حڪومت ھوندي آھي. صحافي جان محمد مھر جا قاتل اڃان تائين گرفتار نہ ٿيڻ تي ڇا اسان اھو سمجھون قاتل حڪومت يا قاتلن کي ان جي سرپرستي حاصل آھي. انڪري گھرو وزير صحافين سان ڪيل پنھجو وعدو پورو ڪري.ھن مقتول صحافي جي قاتلن جي گھر ڪندي چيو تہ جماعت اسلامي صحافي برادري سان گڏ آھي صحافي برادري مقتول صحافي جي قاتلن جي گرفتاري تائين جدوجھد جاري رکي. ان موقعي تي ڪائونسل جو سرواڻ غازي جھنڊير، عبداالوحيد راڄپر، فھيم صديقي، عاجزجمالي، وحيد گل ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.#