عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي: حارث نواز

گھرو کاتي جو نگران صوبائي وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز سجاول لڳ ڳوٺ وڪيو لوٺيو پھتو

عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي: حارث نواز

سجاول (گلشيرميربحر) سنڌ جي گھرو کاتي جو نگران صوبائي وزير جي سجاول لڳ ڳوٺ وڪيو لوٺيو ۾ عوامي ميڙاڪي ۾ شرڪت ، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ,گھرو کاتي جو نگران صوبائي وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي - اھڙن خيالن جو اظهار ھن سجاول جي ويجهو ڳوٺ وڪيو لوٺيو ۾ ھڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ ،ايس ايس پي شھلا قريشي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا - ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران گھرو کاتي جي نگران صوبائي وزير کي ڳوٺ ۾ تعليم ، صحت سميت ٻين گھربل بنيادي سھولتن جي کوٽ بابت شڪايتون ڪيون ۽ درپيش مسئلن کان تفصيلي آگاهي ڏني - ان موقعي تي گھرو کاتي جي نگران صوبائي وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز پاران ڪجھ شڪايتن جو موقعي تي ئي ازالو ڪيو ويو جڏهن ته ٻين درپيش مسئلن جي حل لاءِ يقين ڏياريو ويو - ھن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھو عوام جي بنا ڪنهن فرق جي سندن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي - ان موقعي تي ھن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کي ضلعي جي تعمير و ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو