جماعت اسلامي سنڌ پاران ٺُل ۾ رهزنن هٿان حافظ معظم نوناري جي قتل جي مذمت

صوبائي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ وفد جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت

جماعت اسلامي سنڌ پاران ٺُل ۾ رهزنن هٿان حافظ معظم نوناري جي قتل جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٺُل ۾ ڌاڙيلن هٿان نوجوان حافظ معظم نوناري جي قتل ۽ سندس ڀاءٌ نياز نوناري جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي سخت مذمت ۽ ان کي سنڌ ۾ بدامني جي انتها قرار ڏيندي واقعي ۾ ملوث رهزنن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته حافظ معظم نوناري جي بيدردي سان قتل واري واقعي سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف لاڳيتو احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ حڪومت پاران ڪچي ۾ آپريشن جي تيارين باوجود اڄ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪنهن به انسان جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ڪونه آهي، ٺُل ۾ ڪجهه عرصو اڳ نوجوان صدام لاشاري سميت ٽي نوجوان قتل ٿي چڪا آهن، اڄ معظم نوناري جي قتل خلاف ٺُل جا هزارين شهري روڊن تي نڪري آيا آهن شهر ۾ ڪاروبار بند ۽ مقتول جي گهر ۾ ماتم برپا آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداره اکيون کولين، وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڏينهون ڏينهن امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڪنٽرول ڪري نه ته گهڻي دير ٿي ويندي، سنڌ ۾ هٿ وٺي حالتون خراب ۽ عوام کي بغاوت تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو “ تنگ آمد بجنگ آمد” جي مصداق عوام رهزنن خلاف پاڻ هٿيار کڻي ٻاهر نڪري اچي جنهن کان پوءِ معاشي طور تي عدم استحڪام جو شڪار ملڪ وڌيڪ انتشار جو شڪار ٿي ويندو، اڃان صدام لاشاري جي خون سان انصاف نه ٿيو هو ته مٿان نوجوان معظم نوناري جو قتل ڪري ڏوهارين اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون نافذ آهي. صوبائي امير وڏي وزير ۽ گهرو وزير تي زور ڀريو ته ٺُل سميت سنڌ جي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ قاتلن توڙي رهزنن کي في الفور گرفتار ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جيئن عوام سُک جو ساه کڻي سگهي. هوڏانهن صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي وفد معظم نوناري جي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ سندن پوئنرن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي قاتلن جي جلد از جلد گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.