سنڌ جو نگران گھرو وزير پريا ڪماري جي عمر کان ئي اڻچاڻ

خبر ناهي ته پريا ڪماري جي شادي ٿي وئي آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي: حارث نواز

سنڌ جو نگران گھرو وزير پريا ڪماري جي عمر کان ئي اڻچاڻ

سنڌ جو نگران گهرو وزير روهڙي مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي عمر جي باري ۾ به لاعلم بڻيل، ڪنڌڪوٽ ۾ پريا ڪماري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته خبر ناهي ته پريا ڪماري جي شادي ٿي وئي آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، اهو ڏسي رهيا آهيون، صوبائي گهرو وزير جي آءِ جي سميت ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي ايس ايس پي مير روحل کوسو ڪچي ۾ جاري آپريشن بابت بريفنگ ڏني، نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته ڌاڙيلن کي ختم ڪري ڪچي کي مڪمل طور محفوظ ڪنداسين..