ضلعي جي مختلف علائقن ۾ منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون جاري رھيون
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار پاران گذريل ڏينهن ڪارروائي دوران سيل ڪيل کنڊ، اٽي ۽ ڀاڻ جي گودام مالڪن تي ھڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي گودامن کي ڊي سيل ڪري کين سختي سان خبردار ڪيو ويو آهي ته هو مستقبل ۾ ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوريءَ کان پاسو ڪن جڏهن ته کنڊ، اٽو ۽ ڀاڻ سرڪاري اگهن تي وڪرو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ ڪنھن بہ قسم جي رعايت نہ ڏني ويندي. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو آهي ته سيل ڪيل ڀاڻ جون ٻوريون ننڍن زميندارن ۽ هارين کي فارم 7 تحت سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي تہ جيئن عوام کي رليف فراھم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ضلعي انتظاميه عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي.
0 تبصرے