جماعت اسلامي جي وفد جي ٻٻرلوء ۾ موٽروي حادثي جو شڪار خاندان سان تعزيت

ممتاز حسين سهتو ايڊوڪيٽ جي اڳواڻي ۾ وفد صحافي حيدر مستوئي ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي

جماعت اسلامي جي وفد جي ٻٻرلوء ۾ موٽروي حادثي جو شڪار خاندان سان تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو ايڊوڪيٽ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد گذريل ڏينهن سکر ملتان موٽروي تي المناڪ حادثي ۾ ٻٻرلوءَ جي صحافي حيدر مستوئي جي خاندان جي 08 ڀاتين جي موت ۽ حيدرمستوئي جي شديد زخمي ٿيڻ واري افسوس ناڪ واقعي تي ٻٻرلوءَ پهچي ڪري تعزيت، مرحومين جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي. ممتاز حسين سهتو موٽروي حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 08 ڀاتين جي فوت ٿيڻ کي وڏو سانحو قرار ڏنو.#