ٺٽي ۾ عورت جو ڀاءُ سميت احتجاجي مظاھرو

والد جي جي وفات بعد وڏي ڀاءُ ملڪيت تي قبضو ڪيو آھي: سڪينا درس

ٺٽي ۾ عورت جو ڀاءُ سميت احتجاجي مظاھرو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ٺٽو غلام الله جي ڳوٺ خميسو درس جي رهائشي مسمات سڪينه زال عبدالغفور درس پنهنجي ڀا۽ صالح درس سان عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس والد مرحوم خميسو درس جي وفات بعد سندن وڏو ڀا۽ عارب درس اباڻي ملڪيت تي قابض ٿي ويٺو آهي متاثره مسمات سڪينا ٻڌايو ته سندس والد خميسو درس جون ٻه شاديون پهرين شادي مان سندس مرحوم والد کي چار پٽن جو اولاد آهي جڏهن ته ٻئي شادي مان هي چار ڀيڻون هڪ ڀا۽ جو اولاد آهي جڏهن سندن وڏو ڀا۽ لالچ ۾ اچي مختلف وقتن تي کين جائيداد تان دستبردار ٿيڻ جو زور ڀريندو رهيو هنن چيو ته سندن وڏو ڀا۽ عارب درس سندس ٻن پٽن هڪ ناٺي سڀني گڏجي گذريل ڏينهن هنن مٿان گهر ۾ داخل ٿي حملو ڪيو زبردستي اسرار ڪيو ته هو زمين تان وارثي ختم ڪن انڪار ڪرڻ تي هو ڏمرجي پيا کين مارڪٽ ڪئي جنهن بعد هي اهڙي دانهن غلام الله چوڪي طرف کڻي پهتا ته سندن غيرموجودگي ۾ سندن وڏي ڀا۽ سندس پٽن ۽ ناٺي گڏجي سندن گهر کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن سبب سندن گهر اندر رکيل اناج ڪپڙا توڙي ٻيو گهريلو سامان به سڙي ويو جنهن ڪرڻ سندن وڏو نقصان ٿيو آهي پر حد جي پوليس به سندن فرياد تي ڪاروائي ڪرڻ لا۽ تيار نه آهي هنن ايس ايس پي ٺٽو ائي جي سنڌ سميت اعلي اختيارين توڙي نگران صوبائي اختيارين کان فوري انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي