قومي ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار افضل لنڊ جي قتل خلاف ملير ۾ احتجاج

سنڌ جو شعور افضل لنڊ کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو: اڳواڻ

قومي ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار افضل لنڊ جي قتل خلاف ملير ۾ احتجاج

ملير؛ جساف ملير، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، سنڌ عوامي سٿ ملير پاران ٽنڊي آدم ۾ هڪ ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل قومي ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪر جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪاشف شر، نعمان سنڌي، راشد سنڌي، نانو ميراڻي، سجاد رند، فيض هيسباڻي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي ترجمان اصغر باغي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ قتل جي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو شعور افضل لنڊ کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ حڪومت ۽ پوليس اهو چئي جان ڇڏائي ڇڏن ٿيون ته ذاتي دشمني هئي جيڪو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي هٿ وٺي ڪري سنڌ جي نوجوانن ۽ شعور کي قتل ڪيو پيو وڃي. پروفيسر اجمل ساوند، سينيئر صحافي جان محمد مهر، ارشاد رانجهاڻي ۽ هاڻي وري افضل لنڊ جو قتل هڪ سازش جون ڪڙيون آهن جيڪڏهن اجمل ساوند، ارشاد رانجهاڻي، جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ٿئي ها ته اڄ افضل لنڊ قتل نه ٿئي ها پر هٿ وٺي سنڌي نوجوان جيڪي سنڌ جي ثقافتي، سنڌ جو شعور، سنڌ جي ڪلچر، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ايندڙ وقت جي بهتري لاءِ ڪردار ۽ عوامي سجاڳي پيدا ڪري رهيا آهن ته انهن کي يا ته ڌاڙيلن هٿان کڻائي قتل ڪرايو وڃي ٿو يا ته سرعام نامعلوم ماڻهن هٿان مارائي ڪتاب بند ڪيو وڃي ٿو هنن چيو ته سنڌ جي شعور جا روز ٿيندڙ قتل عوام ۾ باهه ڀڙڪائيندا ۽ سرڪار کي گهرجي ته هو هنن معاملن کي سنجيدگي سان وٺي، هنن چيو ته اسان گهر نه پر مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهيد افضل لنڊ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي