جيڪب آباد ۾ نينگري کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران نوٽيس

ڊي آءِ جي جي نوٽيس بعد پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

جيڪب آباد ۾  نينگري کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران نوٽيس

جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد ۾ 10 ورهين جي نينگري کي مبينا زيادتي بعد قتل واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، جنھن بعد پوليس پوليس مسلم ڪالوني ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ کوسو، بنگلاڻي ۽ ڪٽا برادري سان تعلق ماڻهن جو آهي جنهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو ايس ايڇ او صدر مختيار بهلڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي نوٽيس باوجود ٿاڻي تائين محدود، ايس ايڇ او صدر مختيار بھلڪاڻي جو چوڻ آھي تھ جيڪي گرفتاريون ٿيون آهن انهن بابت ڪجهه تفصيل نه ڏيندس معاملو ڳجهو رکڻو آهي