English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ اي ڊي سي ٽو سيد عمار حسين جي صدارت ۾ پوليو مھم بابت اجلاس
views
|
11th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ 2 آڪٽوبر کان شروڳ ٿيندڙ پوليو مھم جي انتظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو
نوشھرو فيروز(د ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (2) سيد عمار حسين جي صدارت هيٺ 2 آڪٽوبر کان 8 آڪٽوبر 2023 تائين ھلندڙ پوليو جي خاتمي جي مھم جي انتظامن بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله. ڪلهوڙو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي پوليو ايريڊيڪيشن آفيسر ڊاڪٽر غلام علي سولنگي، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر لبنيٰ علي، اي پي آءِ مهم جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو خلاف مهم قومي فرض آهي، ان ڪري سمورا لاڳاپيل آفيسر هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلع انتظاميا پاران صحت کاتي سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته ضلعي جي سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽيمون گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين ۽ ھائي رسڪ موبائيل آبادي کي ڪور ڪرڻ لاءِ خاص پلان جوڙيو وڃي. ان کان اڳ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙي ٻڌايو ته ضلعي جي 3 لک 36 هزار 165 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 874 موبائيل، 73 فيڪس، 41 ٽرانزٽ پوائنٽس سميت 988 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
naushahroferoz
noshahroferoz
ADC
0 تبصرے